آمريڪي پابنديون ۽ ڊالر جي هڪ هٽي ٽوڙيندڙ برڪس ملڪ

0
27
آمريڪي پابنديون ۽ ڊالر جي هڪ هٽي ٽوڙيندڙ برڪس ملڪ

 آڳاٽي دور ۾ جنگين دوران طاقتور ڌريون مخالف ڌر خلاف پهرين ان جي شهرن، قلعن ۽ واپاري لنگهن جي ناڪابندي ڪري کين معاشي طور ڪمزور ۽ فاقا ڪشي تي مجبور ڪري پو حملا ڪنديون هيون. هاڻ جديد تاريخ ۾ به دشمن کي ڪمزور ڪرڻ لا اقتصادي پابنديون جنگ کان پهرين يا وري ان سان گڏ ئي لڳايون وينديون آهن. ڪجهه وقت جي ماٺار بعد پهرين عالمي جنگ ۾ ان جي شروعات ٿي وئي، اهي پابنديون هڪ “خطرناڪ طاقت” ۽ هڪ بهترين سفارتي هٿيار به هونديون آهن، جنهن جي شروعات صدر ووڊرو ولسن کان ڪئي وئي. پهرين عالمي جنگ ۾ ليگ آف نيشن، ٻي مهاڀاري جنگ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اهڙين پابندين جي شروعات ڪئي. سوويت يونين ۽ سرد جنگ جي خاتمي بعد سلامتي ڪائونسل خاص طور تي آفريڪا ۽ يوگوسلاويا ۾ گهرو ويڙهه کي روڪڻ لاءِ پابندين جي اجازت ڏني. خليج جنگ (1991) کان پهرين ۽ ان بعد عراق تي (1991_2003 تائين) گڏيل قومن تمام گهڻيون پابنديون مڙهيون. گڏيل قومن جي اهڙي رستي کولڻ بعد آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي ڄڻ ٻيگهي مچي وئي، جنهن تي آمريڪا سڀني کان اڳ پنهنجي مخالف ملڪن خلاف سياسي مفادن لاءِ ڌڙا ڌڙ “ٽارگيٽڊ پابنديون” لڳائڻ شروع ڪيون، جنهن سان پوري دنيا ۾ بحران پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا. پر اهي پابنديون ناڪامي جو به شڪار ٿينديون رهيون. ان سان گڏوگڏ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ يورپي يونين آمريڪي چرچ تي پنهنجا سياسي فائده حاصل ڪرڻ لاءِ پابنديون لڳائڻ شروع ڪيون، جنهن جي شروعات آفريڪا جي ڪجهه ملڪن ۽ يوگوسلاويا جي امداد معطل ڪرڻ سان ڪئي وئي. ان سان يورپي يونين جو سياسي چهرو وائکو ٿي ويو.

اڪثر ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسي جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ به پابنديون لڳائيندا آهن. ٻي مهاڀاري جنگ بعد آمريڪا ۽ سندس اتحادي يورپي ملڪن سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ ملڪن تي اقتصادي پابنديون مڙهي سندن ترقي ۽ واپار جا رستا روڪيا. گڏيل قومن ۽ يورپي يونين جي 1068 مان صرف 27 پابنديون ۽ آمريڪا جي 52 مان صرف 10 پابنديون ڪامياب ويون. صوماليا، لائبيريا، روانڊا، سيراليون، وفاقي جمهوريه يوگوسلاويا ۽ هيٽي خلاف آمريڪي ۽ يورپي ملڪن گهرو ويڙهه ۽ نسل ڪشي جي الزامن تحت پابنديون مڙهي هٿيارن جي بندش کي روڪي اتان جي فوجي جنتا جي اڳواڻن کي نوازي ڇڏيو. باغي اڳواڻن جا غير ملڪي بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا، هيٽي ۾ اڏامن کي بند ڪيو ويو، 1993 ۾ انگولا خلاف هٿيارن ۽ سفري پابنديون مڙهيون پر اهي به گهڻو وقت نه هلي سگهيون ۽ ناڪام ٿي ويون. 1920ع ۽ 1930ع ۾ ليگ آف نيشنز چار ڀيرا پابنديون لاڳو ڪيون، جڏهن 1935ع ۽ 1936 ۾ مسوليني ايٿوپيا جي فتح کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيو ته اهي پابنديون به بي اثر ٿي ويون. برطانيا گڏيل قومن بعد 1965ع تي (روڊيشيا) زمبابوي ۾ ايان اسمٿ جي آزادي واري اعلان تي سندس ملڪ مٿان پابنديون لاڳو ڪيون. ٻي عالمي جنگ کان فورن بعد جاپان خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ شروع ڪيا ويا. ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ جاپاني فوجي طاقت جي اضافي تي آمريڪا ترتيب وار جولاءِ 1940ع ۽ 19941ع تائين جاپان خلاف اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري هٿيار، بم، بارود، هوائي اڏامن جا لائسنس روڪي ان جي تيل جي واپار کي بند ڪري ڇڏيو. پوءِ به جاپان پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪئي ۽ بحرالڪاهل ۾ جنگي ڪارروايون تيز ڪري آخرڪار ڊسمبر 1941ع تي پرل هاربر تي حملا ڪري ڏنا. اهي پابنديون جاپان کي روڪي نه سگهيون ۽ انهن ثابت قدمي سان ملڪ کي ترقي ڏياري ۽ پابندين کي ناڪام بڻايو. ٻي جنگ عظيم ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ مٿس فوج نه رکڻ جي پابندي به مڙهي وئي ۽ جاپان ۾ آمريڪي فوجي اڏو قائم ڪيو ويو. فوج نه رکڻ جي ڪري جاپان آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کان هاڻ وڌيڪ معاشي ترقي ڪري ويو آهي.

1985 ۽ 1991ع ۾ آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانوي دولت مشترڪا ڏکڻ آفريڪا ۽ 1988ع ۾ آمريڪا، يورپي يونين برما خلاف پابنديون لڳايون. 1990ع ۾ سلامتي ڪائونسل گهرو ويڙه، علائقائي جارحيت ۽ انساني حقن جي نالي تي ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي (روڊيشيا) خلاف 13 ڀيرا پابنديون لاڳو ڪيون، جيڪي به ناڪام ويون. پين ايم 103 هوائي جهاز تي ٿيل دهشتگرد حملي جي جواب ۾ لبيا خلاف پابنديون لڳيون، بوسنيا ۾ گهرو ويڙهه ۽ يوگوسلاويا خلاف به پابنديون لڳيون، جيڪي به ناڪام ويون. عراق تي لڳل پابندين پوري دنيا ۾ نئين سياسي هلچل پيدا ڪئي هئي. ان بعد آمريڪا ۽ سندس اتحادين بندشن جا نوان گس ڳولهي ان تي عمل شروع ڪيو، جنهن تحت ڪيترن ملڪن کي ملندڙ عالمي امداد واري سبسڊي ختم ڪري انهن جي معاشي حالت تنگ ڪئي وئي. جنهن تحت آسٽريليا 1983ع کان 1986ع تائين فرانس کي يورينيم جي ترسيل ان ڪري روڪي ڇڏي جو فرانس ڏاکڻي بحرالڪاهل ۾ ايٽمي هٿيارن جي تجربن کي روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر 1984ع ۾ يورينيم آڪسائيڊ جي قيمت تقريبن 50 سيڪڙو گهٽجي وئي ته فرانس پنهنجي سپلائي لائن کي بحال ڪري ورتو ۽ يورينيم سپلاءِ جا نوان معاهدا ڪري ورتا. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ نيو ورلڊ آرڊر هيٺ جيڪا نئين صورتحال ٺهي، ان ۾آمريڪا ساڻس سهڪار نه ڪندڙ ملڪن جا غير ملڪي اثاثا منجمد ڪري انهن جي واپار کي ڌڪ رسائڻ واري پاليسي تي عمل شروع ڪيو. ان سڄي صورتحال ۾ آمريڪا گڏيل قومن کي به نظرانداز ڪرڻ شروع ڪيو. عام طرح ڪنهن ملڪ تي پابندي هڻڻ کان پهرين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مان اهڙي قرارداد منظور ڪرائبي آهي. پر ان نيو ورلڊ آرڊر ذريعي آمريڪا پنهنجي سر پابنديون هڻي ملڪن کي ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ وچ اوڀر جا ملڪ شامل آهن. پهرين عراق ۽ پوءِ ايران، شام، لبنان، يمن ۽ ٻين ملڪن خلاف پابنديون مڙهيون ويون. 1987ع ۾ ريگن ۽ بش انتظاميا پاناما جي فوجي سربراهه نوريگا حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پاناما خلاف اقتصادي پابنديون لڳايون، جيڪي به آخرڪار ناڪام ثابت ٿيون ته آمريڪي فوج پاناما تي حملو ڪري قبضو ڪري جنرل نوريگا کي گرفتاري ڪري ورتو. ڪيوبا خلاف صدر جمي ڪارٽر جون پابنديون يورپ ۽ ڪينيڊا جي نئين سرد جنگ جو سبب بڻيون، جن کي صدر بل ڪلنٽن ۽ جارج ڊبليو بش موثر طريقي سان معاف ڪري ڇڏيو ۽ معاملي کي سنڀالي ورتو.

هن وقت مالي ۽ اقتصادي پابنديون ڪيوبا، ايران، اتر ڪوريا، روس، شام، چين، وينزويلا، افغانستان، بوسنيا، هرزيگوينيا، بيلاروس، برونڊي ۽ وچ آفريڪي ملڪن سوڊان، لبنان، گني بسائو ۽ يمن خلاف آمريڪي پابنديون لاڳو آهن. پابندين سان انهن ملڪن جي عالمي واپاري سرگرمين ۾ رنڊڪون پيون، عالمي اقتصادي ترقي ۾ رڪاوٽون پيون ۽ انهن جي شين جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت کي ڌڪ رسايو ويو. سفارتي پابندين جي ڪري انهن ملڪن جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي نقصان پهتو. آمريڪي ڪانگريس، سندن پرڏيهي وزارت کانسواءِ OFAC وارو ادارو پابندين جو هوم ورڪ ڪري عمل ڪرائيندو آهي. اقتصادي پابندين کي اڪثر ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي هٿيار طور استعمال ڪندا آهن.

آمريڪا اڄ تائين عالمي هٿياربند ۽ واپاري جنگين جو مرڪز آهي ۽ سندس اهڙين حرڪتن جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن جوابي ڪارروائي ڪري خود آمريڪا خلاف به پابنديون مڙهيون آهن. روس، چين ۽ ايران جوابي ڪارروايون ڪري آمريڪا خلاف اقتصادي پابنديون لڳايون آهن. برازيل، روس، انڊيا، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا گڏجي برڪس اتحاد جوڙي عالمي واپار جا نوان رستا ڪڍيا آهن، جنهن ۾ هاڻ ايران، وينزويلا، مصر، ايٿوپيا، گڏيل عرب امارتون ۽ ٻين ڪافي ملڪن برڪس ۾ شامل ٿيڻ لا درخواست ڏني آهي. جنهن جو مقصد عالمي اقتصادي ترقي کي آمريڪي مرضي ۽ منشا کانسوا ترقي ڏيارڻي آهي. اڻ سڌي طرح سان برڪس ملڪن جي ڪاروبار ڊالر هڪ هٽي کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ ڊالر عالمي ڪاروبار جو صرف واحد سڪو نه رهندو. برڪس ۽ ٻيا ملڪ هن وقت چيني ڪرنسي يا ٻين سگهارين ڪرنسين ۾ پنهنجو پاڻ ۾ واپار ڪري رهيا آهن. يا وري قديمي طريقو ته “شئي ڏيو ۽ شئي وٺو” واري پاليسي اختيار ڪئي آهي. جيئن پاڪستان تيل وٺي پنهنجا چانور روس کي ڏنا هئا. ان سان گڏ ٻيا ڪيترائي اهڙا طريقا ايجاد ڪري ڊالر جي هڪ هٽي کي ٽوڙيو وڃي پيو. هن وقت آمريڪا ۽ يورپي يونين روس جا ساڍا 3 سئو بلين ڊالرز، وينزويلا جا هڪ بلين ڊالر، افغانستان جا 7 ارب ڊالر ضبط ڪيا آهن. چين تي پابنديون مختلف ٽيڪس وڌائڻ جي صورت ۾ لڳايون ويون آهن. چين روس خلاف لڳل پابندين مان سبق سکيو آهي ۽ هو هوريان هوريان عالمي ادارن ۾ ڊالر بانڊن يا ٻئي شڪل ۾ رکيل پنهنجا پيسا گهٽائيندو سون ۾ تبديل ڪندو پيو وڃي ۽ ٻيا ملڪ به هاڻ ائين ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڀارت آمريڪا کي ويجهو آهي پر ٽرمپ جي وقت ۾ ڀارت تي لڳل آمريڪي پابندين بعد ڀارت پنهنجي اک کولي آهي. هو پاڻ کي آمريڪا سان به گڏ رکي ٿو ته ان سان گڏ چين ۽ روس سان به تيل ۽ ٻئي سامان جو ڪاروبار پنهنجي ڪرنسي يا سامان جي مٽا سٽا ۾ شروع ڪيو آهي.

ٻي جنگ عظيم کانپوءِ گڏيل قومن جي اداري کي انهي لاءِ ٺاهيو ويو هو جو اهي گڏيل صلاح مشوري کانپوءِ ڪنهن به ملڪ يا قوم خلاف عالمي قانون هيٺ قدم کڻندا. اهو توازن سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد ختم ٿي ويو. ان جي جاءِ تي آمريڪا، يورپي يونين ۽ سندن فوجي اتحاد نيٽو جاءِ والاري ورتي، جنهن جي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ دنيا هڪ دفعو وري ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. آمريڪا ۽ سندس اتحادين وارو حصو جيتوڻيڪ وڏو ۽ سگهارو لڳي ٿو پر چين جيڪو هاڻ هن وقت معاشي طرح سان دنيا جي ٻيو نمبر وڏي طاقت آهي، اهو خاموشي سان پنهنجي واپار ذريعي آمريڪي عتاب هيٺ آيل ملڪ ايران، روس، وينزويلا، اتر ڪوريا سان ڪاروبار ڪري آمريڪي پابندين کي ناڪام ڪري رهيو آهي. آمريڪا اهو ڄاڻي ٿو پر چين تي سواءِ مخصوص واپاري پابندين جي ملڪي ليول تي پابنديون مڙهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. آمريڪا ڪوشش ڪئي آهي ته يورپي يونين ۽ جاپان کي قائل ڪري ته اهي به چين سان پنهنجو ڪاروبار ختم ڪن ۽ سندس لڳايل پابندين جو حصو بڻجن. جنهن ڪوشش ۾ هو هيستائين ناڪام رهيو آهي. ٻئي طرف روس ۽ چين طرفان ٺاهيل برڪس جو اتحاد هڪ متبادل واپار جا رستا کولي پيو.