آمريڪي عورت جھاز جي سامان رکڻ واري ڪيبن ۾ ئي سمهي رهي

0
89
آمريڪي عورت جھاز جي سامان رکڻ واري ڪيبن ۾ ئي سمهي رهي
آمريڪي عورت جھاز جي سامان رکڻ واري ڪيبن ۾ ئي سمهي رهي

ٽيڪساس(انٽرسٽنگ نيوز)  آمريڪي هوائي جھاز جي هڪ مسافر عورت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت کي جھاز جي سيٽن مٿان سامان رکڻ لاءِ ٺهيل ڪيبن ۾ سمهندي ڏسي سگھجي ٿو

ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعوسائوٿ ويسٽ ايئر لائنز ۾ پيش آيو، جنھن ۾ هڪ مسافر عورت هوائي جھاز ۾ موجود ٻين ساٿي مسافرن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. هوءَ سامان رکڻ واري ڪيبن ۾ پاڻ وڃي ليٽي پئي

وڊيو ۾ اتي موجود ٻين مسافرن کي رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ مسافر ٽڪ ٽاڪ تي اها وڊيو اپلوڊ ڪئي. شيئر ٿيڻ کان پوءِ ان وڊيو کي 51 لک ڪمينٽس ملي چڪا آهن

ڪلپ نالي عورت پاران جھاز جي ان ڪيبن ۾ ليٽڻ جو سبب اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. وڊيو تي هڪ همراهه ڪمينٽ لکيو ته آخر هوءَ اتي چڙهي ڪيئن؟ ٻئي لکيو ته ائين تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو توهان جي سيٽ تي ويهي رهي۽ توهان اکي پريشان نه ڪرڻ چاهيندا هجو