واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن جي گهرواري جل بائيڊن به ڪورونا وائرس جو شڪار بڻجي وئي. آمريڪي صدارتي محل وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب جل بائيڊن جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي ۽ کيس معمولي نوعيت جي علامتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر جو بائيڊن به ڪورونا وائرس جو شڪار بڻيو هو ۽ هاڻي سندس گهرواري به ڪورونا وائرس کان نه بچي سگهي آهي.