اسلام آباد (م ڊ) ماضي ۾ سازش ذريعي حڪومت ڪيرائڻ جو آمريڪا تي الزام لڳائيندڙ پي ٽي آءِ آمريڪا جي چونڊن جي جاچ واري بيان جي آجيان ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس ۾ چونڊن بابت اهم ٺهراءَ منظور ٿيو آهي، جنهن ۾ 5 اهم نقطا اٿاريا ويا آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته شفاف ۽ آزاداڻي چونڊون يقيني بڻايون وڃن، چونڊن جي جاچ ڪئي وڃي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي، اظهار جي آزادي يقيني بڻائي وڃي، پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته حڪومت ان خوش فهمي ۾ هئي ته آمريڪا جي حمايت حاصل آهي ۽ آمريڪا جي حمايت سان ئي حڪومت ۾ رهنداسين، هوڏانهن اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري عمل جي ابتري جي آمريڪي ڪانگريس ۾ اڪثريت سان مذمت ڪئي وئي آهي، ٺهراءَ جي منظوري اسان جي آئين، جمهوريت، قانون جي حڪمراني، هٿياربند فوج تي سولين ڪنٽرول ۽ ذاتي آزادي جي حوالي سان اٿاريل هڪ هاڪاري قدم آهي.