واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي حڪومت پاڪستان جي چونڊن بابت پارليامينٽ جي قرارداد تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر روز جي بريفنگ ۾ پاڪستان بابت قرارداد بابت ٿيل سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت عالمي ۽ قانوني ذميواريون پوريون ڪري. ٻئي طرف آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير ڪرٽ ڪيمبل چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڀارتي نسل جي سک شهري جي قتل جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڀارت جي حڪومت ملوث ٿي سگهي ٿي. ان باري ۾ سرڪاري سطح تي رابطا ڪيا ويا آهن ۽ ڀارت کي ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي سرزمين تي اهڙيون سرگرميون برداشت نه ڪيون وينديون.