آمريڪي اداڪار جوني ويڪٽر ڦر دوران مزاحمت تي قتل

0
40
آمريڪي اداڪار جوني ويڪٽر ڦر دوران مزاحمت تي قتل
آمريڪي اداڪار جوني ويڪٽر ڦر دوران مزاحمت تي قتل

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪي اداڪار جوني ويڪٽر کي چوري واردات دوران مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري بي بي سي موجب لاس اينجلس ۾ اداڪار جي گاڏي مان ڪجهه سامان چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن جوني ويڪٽر تي فائرنگ ڪري ڏني

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فائرنگ سبب اداڪار شديد زخمي ٿي پيو، جنهن بعد ۾ ڇنڇر جي صبح جو دم ڏئي ڇڏيو. اداڪار جي ماءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ويڪٽر پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي وٽ وڃي رهيو هو ته هن ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن

هن جو چوڻ هو ته جڏهن ويڪٽر انهن ماڻهن کان پڇيو ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن ۽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. رپورٽ موجب هينئر تائين ڪيس ۾ ڪنهن به گرفتاري جا اطلاع نه مليا، پوليس طرفان جوابدارن کي تلاش جاري آهي