بوسٽن (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ 81 ورهين جي ڪراڙي عورت پوڙهي ترين ٽرين ڊرائيور جو عالمي اعزاز پنهنجي نانءَ ڪري ورتو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب بوسٽن سان تعلق رکندڙ 81 ورهين جي عورت هيگن انٽينوچي پيشي جي لحاظ کان ٽرين ڊرائيور آهي، هاڻي هن گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو  پيرسن ترين ٽرين آپريٽر طور لکرايو آهي. هيلن، 1995ع ۾ 53 ورهين جي ڄمار ۾ ميساچوسٽس بي ٽرانسپورٽيشن اٿارٽي (بي ٽي اي) لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان کي ٽرينون هلائيندي هاڻي لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا ٿي چڪا آهن. هن گنيز ورلڊ رڪارڊ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته منهنجون پنج ڌيئرون ڄائيون، جنهن جي ڪري مون کي گھر مان نه رڳو ڪمائڻ لاءِ نڪرڻو پيو پر ڪجهه سڪون ۽ راحت جا لمحا به حاصل ڪرڻ جو بهانو کپندو هو. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڄاڻيان ٿي ته ان پيشي ۾ منهنجي عمر کي  ڏسي تماشو ڪيو پيو وڃي. آئون هر روز صبح جو اٿندي آهيان ۽ اهو ئي ڪندي آهيان جيڪو مون کي ڪرڻ پسند آهي. منهنجي عمر جي گھٽ ماڻهن کي ايئن چوڻ جو موقعو نصيب ٿيندو آهي.