فلوريڊا(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شخص کي ٻه سال اڳ وڃايل سندس ڪوتو 1000 ڪلوميٽر پري فلوريڊا رياست مان ملي ويو آهي. ڪتي جي مالڪ ٽوني ڊنڪن جو چوڻ  آهي ته سندس ڪتو لُونا ڪجهه جهنگلي جانورن جو پيڇو ڪندي سندس مارڊيلا سپرنگز جي گهر ويجھو جهنگ ۾ ويو ته واپس نه موٽيو. ٽوني ڊنڪن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ هن ڪتي جي موٽڻ جي اميد نه ڇڏي هئي پر گذريل هفتي فلوريڊا ۾ قائم لابيلي اينيمل ڪنٽرول پاران کيس فون ڪال ڪري ڪتو ملڻ جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي. ٽوني ڪتي جو اطلاع ملندي ئي 1000 ڪلوميٽر پري جو سفر شروع ڪيو.