پيانگ يانگ(م ڊ) اترڪوريا جو حڪمران ڪم جونگ نسل وڌائڻ لاءِ پريشان ٿي ويو، عورتن کي ٻار وڌيڪ ڄڻڻ جو چوڻ وقت سندس اکين مان  ڳوڙها ڳڙي پيا، عالمي خابري اداري موجب اتر ڪوريا ۾ ٻار ڄڻڻ جي شرط 1.8 ٿي وئي آهي، جنهن سبب نه رڳو حڪومت پر خود ڪم جونگ به سخت پريشان آهي، هڪ تقريب ۾  ڳالهائيندي ڪم جونگ ڳالهائيندي چيو ته ٻار گهٽ پيدا ٿيڻ تي سخت ڳڻتي آهي، عورتن کي اپيل آهي ته اهي وڌ کان وڌ ٻار پيدا ڪن. گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ موجب 2023 ۾ 1.8 پيدائش جي شرح رکندڙ اتر ڪوريا ان معاملي ۾ اڪيلو ناهي پر ان جي پاڙيسري ملڪن جو انگ اڃا گهٽ آهي.  اترڪوريا جي پاڙيسري ۽ ڪٽر مخالف ڏکڻ ڪوريا ۾ ٻارن جي پيدائش شرح گذريل سال دوران 0.78 رڪارڊ ڪئي وئي هئي جڏهن ته جاپان ۾ اها شرح 1.26 تائين ڪري پئي آهي. جڏهن ته چين به ان مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي هڪ گهر ۾ هڪ ٻار ڄڻڻ واري پاليسي به ختم ڪئي وئي آهي.