آمريڪا کي شڪست: ڀارت سپر 8 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، پاڪستان جون اميدون برقرار

0
16

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 25هين ميچ ۾ ڀارت آمريڪا کي 7 وڪيٽس تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل ٽئين ڪاميابي ماڻي سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، ڀارت آمريڪا طرفان مليل 111 رنس جو حدف آساني سان ٽن وڪيٽس جي نقصان تي 19هين اوور ۾ پورو ڪيو

سوريا ڪمار ياديو 50 ۽ شيوم دوبي 31 رنس ٺاهي نمايان رهيا، نيويارڪ ۾ کيڏي ويل گروپ اي جي ميچ ۾ ڀارت جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

آمريڪا مقرر 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽس جي نقصان تي 110 رنس ٺاهيون، نتيش ڪمار 27 ۽ ٽيلر 24 رنس ٺاهي نمايان رهريا، ڀارت طرفان هرشديپ سنگهه شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 9 رنس عيوض 4 وڪيٽس ورتون، هاردڪ پانڊيا 2 ۽ اڪسر پٽيل هڪ وڪيٽ ورتي

آمريڪا جي 111 رنس جي هدف جو پيڇو ڪندي ڀارت جي شروعات سٺي نه هئي، ويرات ڪوهلي بنا ڪا رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو ۽ روهت شرما به 3 رنس جو مهمان ثابت ٿيو، وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنٽ 20 بالن تي 18  رنس ٺاهي پويلين موٽيو، سوريا ڪمار ياديو ۽ شيوم دوبي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 19هين اوور ۾ حدف پورو ڪيو

آمريڪا پنهنجي آخري ۽ چوٿين ميچ جمعي جي ڏينهن آئرلينڊ خلاف کيڏندو، پاڪستان جي سپر ايٽ مرحلي تائين پهچڻ لاءِ امريڪا جي شڪست لازمي هوندي، پاڪستان ٽيم پنهنجي آخري مئچ آچر جي ڏينهن 16جون تي آئرلينڊ خلاف کيڏندي ۽ ڪاميابي جي صورت ۾ سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچي ويندي