پاڪستان ۾ آمريڪا کي ڪنهن به صورت ۾ فوجي اڏا نه ڏينداسين: وزيراعظم

0
360
ڪو به ايشين ٽائيگر مديني

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڀارت هن جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي ان ڪري پاڪستان سان مختلف سلوڪ ڪيو پيو وڃي، غير ملڪي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا جي نظر ۾ پاڪستان هن جو افغانستان ۾ ڇڏيل 20 سالن جو گند صاف ڪرڻ لاءِ رهجي ويو آهي، عمران خان چيوآهي ته موجوده حالتن ۾ افغانستان جو سياسي حل نظر نه پيو اچي، ڇو ته طالبان جو چوڻ آهي ته جيستائين اشرف غني افغانستان جو صدر رهندو هو ان سان ڳالهيون نه ڪندا، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان کي افغان حڪومت سان ڳاليهون ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي، ٽي چار مهينا اڳ اسلام آباد ۾ طالبان اڳواڻن سان ملاقات ۾ هنن کي قائل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هو ان لاءِ تيار نظر نه پيا اچن، هن چيو آهي ته سندس خيال آهي ته افغان حڪومت آمريڪا کي واپس افغانستان گهرائڻ چاهي ٿي، پر آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال رهي چڪو آهي، آمريڪا ٻيهر افغانستان آيو ته هو اهڙو ڇا ڪندو جو گذريل 20 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ آمريڪا کي ڪنهن به صورت ۾ فوجي اڏا نه ڏينداسين. افغان حڪومت پنهنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو الزام پاڪستان تي مڙهي رهي آهي، پاڪستان جو افعانستان ۾ ڪوبه فيوريٽ نه آهي، اهڙي حڪومت جي حمايت ڪنداسين، جنهن کي افغان عوام جي حمايت حاصل هجي، وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا جي صحافين سان ڳالهيون ڪيون، وزيراعظم چيو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال جو سياسي حل نظر نه ٿو اچي، طالبان کي افغان حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، طالبان اشرف غني جي حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، افغان مسئلي جو سياسي حل پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، افعانستان ۾ بدامني ٿيندي آهي ته پاڪستان سڌي ريت متاثر ٿيندو آهي.