واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پاران جمهوريت ڪانفرنس لاءِ 110 ملڪن کي دعوت، چين ۽ ترڪي نظرانداز، چين تائيوان کي دعوت ڏيڻ تي احتجاج ڪيو، آمريڪي صدر بائيڊن 110 ملڪن کي جمهوريت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ٻن اهم ملڪن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، 9 ، 10 ڊسمبر تي ٿيندڙ ورچوئل ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ڀارت، عراق سوڌو 110 ملڪن کي دعوت ڏني وئي، جڏهن ته چين ۽ ترڪي کي دعوت نه ڏني وئي، رپورٽ موجب تائيوان، مصر، سعودي عرب، اردن، قطر ۽ گڏيل عرب امارات کي جمهوريت ڪانفرنس جي دعوت نه ڏني وئي آهي. هوڏانهن چين جي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ٻين ملڪن کي دٻائڻ ۽ دنيا کي تقسيم ڪرڻ لاءِ جمهوريت کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، روس چيو ته آمريڪا جي ميزباني ۾ ٿيندڙ جمهوريت ڪانفرنس ملڪن کي ورهائڻ لاءِ آهي، آمريڪا سٺن ۽ خراب ملڪن ۾ من پسند تقسيم چاهي ٿو.