ڪابل (م ڊ) افغان صدر اشرف غني سان سينٽ ڪام جي ڪمانڊر ۽ افغانستان معاملن جي انچارج جنرل ميڪنزي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنرل ميڪنزي افغان صدر کي مڪمل آمريڪي تعاون جي خاطري ڪرائي. افغان معاملن جي نئين مقرر انچارج آمريڪي جنرل ڪيننٿا ميڪنزي اعلان ڪندي چيو آهي ته افغانستان حڪومت جي مدد لاءِ طالبان تي فضائي حملا جاري رکنداسين، آمريڪا وارننگ ڏيندي چيو آهي ته طالبان حملا بند نه ڪيا ته انهن کي وڌيڪ بمباري کي منهن ڏيڻو پوندو. افغانستان جي سيڪيورٽي فورسز قنڌهار ۾ چئن مقامي صحافين کي گرفتار ڪري ورتو.