سائوٿ آفريڪا افغانين کي هارائي پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهچي وئي، آفريڪي ڊريسنگ روم ۾ جشن…فائنل ۾ آفريڪا جو مقابلو انڊيا يا انگلينڊ ڪنهن هڪ سان ٿيندو… انڊيا ۽ انگلينڊ ٽي-20 ورلڊ ڪپ کٽي چڪيون آهن اگر سائوٿ آفريڪا ورلڊڪپ فائنل کٽي ٿي ته ٽي-20 جي پهريون ڀيرو چيمپئين ٿيندي. انڊيا ۽ انگلينڊ مجموعي طور ODI ۽ ٽي-20 جا 3-3 ڀيرا ورلڊڪپ کٽي چُڪا آهن… سائوٿ آفريڪي ٽيم هن مهل تائين 1998 واري چيمپيئن ٽرافي کان علاوه ڪابه آءِ سي سي ٽرافي ناهي کٽي، انگلينڊ تمام سُٺي ۽ انڊين ٽيم اسانجي پهرين پسند آهي، پر تنهن هوندي به اگر آفريڪي هي ورلڊ ڪپ کٽي ٿي اها سندس سپورٽر لاءِ خوشيءَ جي خبر هوندي. آفريڪي ٽيم لاجواب پرفامنس سبب ناقابل شڪست رهيا آهن. سدائين آخري مرحلي ۾ ٿوري غلطيءَ سبب هارائي ويندڙ هي ٽيم هن ڀيري هر حوالي سان بيلنسڊ آهي انڪري هن ڀيري پيروٽيز لاءِ ٽي-20 ورلڊ ڪپ کٽڻ جو سنهري موقعو آهي…(فيس بوڪ تان ورتل)

بيٽر لڪ نيڪسٽ ٽائيم… سرمد ادل سولنگي

راشد اليون ھن ايونٽ ۾ دعائن ۽ معجزن تي ڀاڙيندڙ ٽيمن کي ڪري ڏيکاريو ته وڏا ايونٽ دعائن جي سهاري نه محنت ۽ جدوجهد سان کٽيا ويندا آھن. عالمي ڪپ جهڙي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل تائين پهچڻ ئي ھن ٽيم جي سڀ کان وڏي اچيومينٽ آھي، ھو دنيا ۽ خاص طور ايشيا ۾ ڀارت کان پوءِ بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رھيا آھن، ھو وڏن ايونٽن ۾ ائين ئي پرفارم ڪندا رھيا ته ھڪ ڏينهن سندن خواب ساڀيان ماڻي وٺندا …

دِس ٽائيم فار آفريڪا

ھي انهن لاءِ جيڪي سدائين ھن ٽيم کي چوڪرز جو ٺپو ھڻي انهن جي ڪاوشن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا ھئا، رڪارڊ ٺهندا ئي ٽٽڻ لاءِ آھن، ڏکڻ آفريڪا جنهن ھر وڏي ايونٽ ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو ڀرپور احساس ڏياريو ان ٽيم کي انڪري به اھميت نه ڏني وئي جو ھو صرف ۽ صرف عالمي ڪپ جو فائنل نه کيڏي سگهيا، ڪرونئي کان اي بي ڊي ويليئرز تائين ڊي ويليئرز کان ٽيمبا باووما تائين ھن ٽيم سدائين ڪرڪيٽ شوقينن کي دنيا کان مختلف ڪرڪيٽ ڏني، جيتوڻيڪ مارڪرم جي ٽيم سموري ايونٽ ۾ آف ڪلر نظر آئي پر ھِن واري ھُن کي پنهنجي ٽيم تي پختو يقين ھو ته جنهن ڏينهن اسان پنهنجي معيار مطابق کيڏياسين دنيا ڏسندي رھجي ويندي، ھائو اڄ کيڏيا ھو اھڙي ڪرڪيٽ جنهن دنيا کي ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون، راند جي ٽنهي شعبن ۾ مخالف ٽيم کي آئوٽ ڪلاس ڪري ھنن ڪرڪيٽ جي دنيا ٻڌائي ڇڏيو ته بس گهڻو ٿيو! دِس ٽائيم فار آفريڪا … (فيس بوڪ تان ورتل)

آفريڪا قسمت کي هارائي ڇڏيو …انيس رحمان

چوڪرز جي ليبل سان مشهور بدنصيب آفريڪا نيٺ قسمت کي به مات ڏئي ڇڏي !!!!

سائوٿ آفريڪا ورلڊ T20 جي پهرين سيمي فائنل ۾ افغانستان کي ون سائيڊ مقابلي بعد بري شڪست ڏئي نيٺ ڪرڪيٽ جي ڪنهن به ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي…

آفريڪا هن ورلڊ ڪپ ۾ هن وقت تائين ان بيٽن ٽيم آهي باقي ٽرافي کٽڻ کان هڪ ميچ جي دوري تي آهي، افغانستان جي ٽيم جو قسمت ساٿ نه ڏنو باقي هنن پوري ٽورنامينٽ ۾ بهترين راند پيش ڪئي آهي،

اسان جون نيڪ تمنائون فائنل ۾ سائوٿ آفريڪا سان گڏ آهن… (فيس بوڪ تان ورتل)

چوڪرز واري روايت جي پڄاڻي … امجد کوسو

جيڪڏهن افغانستان جي جاءِ تي آسٽريليا سيمي فائنل ۾ اچي ها ته آفريڪا چوڪرز واري روايت ٻيهر دهرائي ها منهنجي خيال ۾ آفريڪا واري چوڪرز واري ڪهاڻي هميشه لاءِ ڪلوز ٿيڻ وڃي پئي، جيڪڏهن آفريڪا سٺي محنت ڪئي ته پوءِ هن ورلڊ ڪپ جو حقدار آفريڪا هوندو ۽ دنيا کي هڪ نئين ورلڊڪپ چيمپئن ٽيم به ملي ويندي ۽ جيڪڏهن وري به فائنل انڊيا يا انگلينڊ مان ڪنهن هڪ کٽي ته پوءِ ورلڊڪپ جو ڪوبه مزو نه رهندو.

دنيا کي هڪ نئين ورلڊڪپ ٽيم جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن ڪرڪيٽ کي جديد مارڊن ڪرڪيٽ ٿيڻي آهي ته پوءِ آفريڪا جو چيئمپن هجڻ ضروري آهي ڪرڪيٽ ۾ نواڻ ضروري آهي ڪا نئين ٽيم چيئمپن بڻجي اڀري… (فيس بوڪ تان ورتل)