اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ايم اين اي طور پگهار وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آصفه ڀٽو زرداري پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو، آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 207 تان بنا مقابلي ايم اين اي چونڊجي وئي هئي.