آسٽريليا ۾ ڊاڪٽر غلطي سبب مريض جي ساڄي بدران کاٻي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي

0
366

سڊني (دلچسپ نيوز) آسٽريليا ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جڏهن اسپتال جي عملي جي غفلت سبب بزرگ شخص کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان کڻڻو پيو.ڊاڪٽرن ۽ نرسنگ اسٽاف کان ننڍين وڏين غلطين جي اميد ڪري سگهجي ٿي. پر ڪنهن ماڻهو جي زندگي کي خطري ۾ وجهي ڇڏڻ بيشڪ خطرناڪ عمل هوندو آهي. اهڙي ئي عمل سبب آسٽريليا ۾ 82 ساله بزرگ کي ڊاڪٽر جي غفلت سبب برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان ٿيو.ميڊيا رپورٽن موجب ايڊنبرا جي هڪ اسپتال ۾ شگر جي بيماري سبب 82 ورهين جي هڪ پيرسن کي داخل ڪرايو ويو، پيرسن مريض جي معائني بعد ٽيسٽون ڪيون ويون، ڊاڪٽرن سندس ساڄي ڄنگهه ڪٽڻ جو فيصلو ڪيو، آپريشن وقت ڊاڪٽر غلطي سبب کاٻي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي ۽ غلطي جو اندازو ان وقت ٿيو جڏهن ڄنگهه جي پٽي تبديل ڪئي پئي وئي. ان حوالي سان اسپتال جي ڊائريڪٽر عوام کان سڀني جي سامهون معافي گهري ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جاچ ڪري رهيا آهيون ته آخر اهڙي سنگين نوعيت جي غلطي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟غملي کان ان غفلت بابت پڇيو ويو ته ان جو چوڻ هو ته اسان کي لڳي ٿو ته غلطي آپريشن کان اڳ ٽنگ جي نشاندهي وقت ٿي آهي.