اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون. ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪه سزا خلاف اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪه 10 صفحن تي مشتمل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. عدالت باني تحريڪ انصاف عمران خان، بشريٰ بي بي جي سزا معطلي وارين درخواستن کي رد ڪندي لکت ۾ جاري فيصلي ۾ چيو آهي ته ٻنهي جوابدارن وٽ سزا معطلي جو ڪو به جواز موجود ناهي. سيڪشن 426 ضمانت جوڳو آهي، پر ٻئي جوابدار ضمانت جا حقدار نه آهن،  بشريٰ بي بي جو عورت هجڻ سزا معطلي ۽ آزادي جو جواز ناهي. قانون ۾ عورت جوابدار به ضمانت جي دعويدار نٿي ٿي سگهي، فيصلي ۾ فراڊ شادين بابت مختلف فيصلن جا حوالا ڏنا ويا، عدالت چيو ته حوالي ۾ ڏنل ڪنهن به فيصلي ۾ جوابدار جي سزا معطل نه ٿي هئي، سزا معطلي يا ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيس جي ميرٽس تي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي. ٻنهي جوابدارن کي ڏنل سزا ته گهٽ مدي واري آهي. نه ئي هو سزا جو گهڻو حصو ڪاٽي چڪا آهن. باني تحريڪ انصاف، بشريٰ بي بي جي سزا معطلي جي درخواستن کي رد ڪيو وڃي ٿو. عدالتي فيصلي بعد پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اڊيالا جيل مان آزادي جا آسرا ختم ٿي ويا، عدت نڪاح ڪيس ۾ ٻنهي جي 7-7 سال قيد واري سزا برقرار رکي وئي، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سزا معطلي جي درخواستن تي 25 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ٽرائل ڪورٽ 3 فيبروري تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي کي عدت نڪاح ڪيس ۾ 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران عدت نڪاح ڪيس ۾ سزائون برقرار رکڻ وارو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته قيدين جي آزادي تائين حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ڪيس ۾ ڪابه پيچيدگي نه هئي، فيصلي جي مذمت ڪريون ٿا، نڪاح ڪيس کي سياسي رنگ ڏنو ويو. عمر ايوب تحريڪ هلائڻ ۽ مختلف علائقن ۾ مظاهرن جو اعلان به ڪيو.