اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته بااختيار پارليامينٽ ئي ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي، آمرن طاقت جي زور تي آئين کي مسخ ڪيو پر آئين کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي خون سان وفاق ۽ تمام صوبن وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ميثاق لکي، اهڙو اظهار هن يوم آزادي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو، اڳوڻي صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو آهي ته آزاد، خودمختيار ۽ باوقار پاڪستان لاءِ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي بالادستي ضروري آهي، قائد اعظم محمد علي جناح آزاد رياست جو بنياد رکيو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي 1973ع جو متفقه آئين ڏئي مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ ٺاهيو، ارڙهين آئيني ترميم مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي ضمانت آهي، هاڻي اهو وقت اچي چڪو آهي ته ميثاق جمهوريت تي مڪمل عمل ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ پائيدار فيصلا ڪيا وڃن، ملڪ جون سموريون جمهوريت پسند سياسي پارٽيون پارليامينٽ کي بااختيار بنائڻ لاءِ متحد ٿين. هوڏانهن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي تصور وانگر پاڪستان کي برابري تي ٻڌل رول ماڊل مسلمان رياست بنائڻ لاءِ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو، هن چيو ته آئين جي بالادستي کانسواءِ آزادي جا ثمر 22 ڪروڙ پاڪستانين تائين پهچڻ صرف ديواني جو خواب رهندو، ادارن وچ ۾ توازن کان سواءِ ترقي جي عمل جو ڦيٿو هلي نه ٿو سگهي، بلاول چيو ته اسان پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بنائڻ واري هر سازش کي ڪنهن به قيمت تي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پنهنجون اندروني ڪمزوريون ختم ڪري عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۽ طاقت کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.