آر ڪيلي جنسي مقصدن لاءِ انساني اسمگلنگ ۾ ڏوهي قرار

0
146

نيويارڪ (شوبز نيوز) آمريڪي گلوڪار آر ڪيلي کي ٻن ڏهاڪن کان عورت ۽ ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ انساني سمگلنگ ۾ ملوث هجڻ تي ڏوهي قرار ڏنو ويو .نيويارڪ جي 7 مردن ۽ 5 عورتن تي ٻڌل جيوري گلوڪار کي 9 الزامن هيٺ ڏوهي قرار ڏنو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آر ڪيلي کي مختلف آمريڪي رياستن وچ ۾ عورتن جي سمگلنگ، چائلڊ پورنوگرافي ۽ اغوام ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو.ان کان سواءِ ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ڇوڪرين کي خواب ڏيکاري آر ڪيلي وٽ آندو ويندو هو جڏهن ته گلوڪار ننڍي عمر جي ٻارن سان زيادتي جون وڊيوز رڪارڊ ڪري بليڪ ميل به ڪندو هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب آر ڪيلي جعلي ڪاغذن ٺهرائي 15 ورهين جي ڇوڪري سان شادي به ڪئي هئي جڏهن ته گلوڪار کي جنسي سمگلنگ سان گڏوگڏ، دوکيبازي جو ڏوهي به قرار ڏنو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب سزا 4 مئي تي ٻڌائي ويندي جڏهن ته آمريڪي گلوڪار پنهنجي باقي زندگي جيل ۾ گذاري سگھي ٿو.