آر بي او ڊي واري منصوبي ۾رنڊڪون ۽ رڪاوٽون

0
220
آر بي او ڊي واري منصوبي ۾رنڊڪون ۽ رڪاوٽون

 “ملڪ۾انڌا ڌند ڪرپشن بابت گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ جڳهه گهٽ هجڻ ڪري هڪ ٻه مثال ئي ڪافي ٿيندا، حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ئي مون گورنر هائوس  سنڌ ڪراچي ۾ جيڪي شروعاتي بريفنگس ورتيون انهن مان هڪ آر بي او ڊي  م متعلق هئي، اهو مکيه  سم نالو هو جنهن ذريعي ساڄي پاسي کان نيڪال وارو پاڻي سمنڊ ڏي کڻي وڃڻوهو، انهي بريفنگ ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڪئي وئي سا هئي هنن تمام ايمانداري سان ڪم ڪندي منصوبي  جي قيمت 116 ارب رپين مان گهٽائي 75 ارب رپيا ڪري ڇڏي هئي، منهنجي خيال مطابق  اها گهٽ ڪيل قيمت به تمام گهڻي هئي، مون فوج جي انجنيئرن کي انهي ڪم تي لڳايو ته هو آ ر بي او ڊي ٽو جي سڄي ڊيگهه جي سروي ڪن ۽ انهي جي ٺهڻ جو صحيح ڪاٿو لڳائين.  هنن ٻڌايو ته اها 16 ارب رپين ۾ٺهي سگهي ٿي، ٿوري جاچ کانپوءِ اها قيمت گهٽجي 14 ارب رپيا ٿي وئي، اهو منصوبو  هينئر هن قيمت تي ٺاهيو پيو وڃي، جيڪڏهن هنن جي ٻڌايل قيمت  تي ٺاهڻ ڏنو وڃي ها ته وچ وارا پئسا هو کائي وڃن ها”. مٿيون اقتباس انهي وقت  جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل پرويز مشرف جي ڪتاب In the line of fire تان ورتل آهي. هو وري لکي ٿو!

“1976 ع ۾واپڊا وارن سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ  وارين ايراضين جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ نارٿ دادو سرفيس ڊرينيج  ٺاهي جنهن جو ڇوڙ مين نارا ويلي ڊرين ذريعي منڇر ڍنڍ ۾تجويز ڪيو ويو، سنڌ وارن  انهي تي اعتراض ڪيو هنن جو اعتراض اهو هو ته انهي سان منڇر ڍنڍ  جي لوڻياٺ واري ليول 10 لک حصن Parts per millionکان وڌي 700 حصا ٿيندي, يعني اضافو ٿيندو،جڏهن نوي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسڪيم پوري ٿي ۽ اسڪيم پوري ڪئي وئي هئي ته منڇر ڍنڍ جي ليول وڌي 100 حصا ٿي، زراعت لاءِ 100 لک حصا في 10 لک Per million کان مٿي هجڻ کپي، لوڻياٺ جي ليول وڌڻ ڪري منڇر  جا آبادگار توڙي مهاڻا برباد ٿي ويا، سائيبريا کان سياري ۾ ايندڙ پکي گهٽجي ويا ۽ ڪيتر ا ماحوليات ۽ معاشرتي مسئلا پيدا ٿيا، جڏهن سنڌ وارن وري رڙيون ڪيون ته واپڊا وارن انهي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آر بي او ڊي ون جي نالي سان ٻي اسڪيم ٺاهڻ ۽منڇر کي بچائڻ لاءِ سنڌو درياءَ ۾لنڪ  ٺاهيو ويو، سنڌ وارن ان تي به اعتراض ڪيو پر اهو اعتراض ڪنهن نه ٻڌو.  انڊس لنڪ ٺاهڻ کانپوءِ انهي ذريعي پاڻي وجهڻ لاءِ ريگيوليٽر ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو ته سنڌ وارن  کي زبردست اعتراض ٿيو پر انهي واپڊا فوجي سربراهه جنرل ذوالفقار علي (جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو هن جنرل دائود  پوٽي ۽ فني  ماهر اي اين جي  عباسي کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبورڪيو،) ڪنهن جي نه ٻڌي ۽ هر قيمت تي ريگوليٽر ٺاهڻ پيو چاهي  پر سنڌ وارا به چپ چپ ڪري نه ويٺا، نيٺ معاملو ان وقت جي فوجي سربراهه  پرويز مشرف تائين پهتو.  هن ايوان صدر ۾ هڪ گڏجاڻي سڏائي جنهن ۾ سنڌ مان محمد ميان  سومرو،وزير آبپاشي علي مير شاهه ۽ مان بطور سيڪريٽري آبپاشي شريڪ ٿياسين، واپڊا وارن ڪنسلٽنٽس ۽ پلاننگ  وارن ڪيترن ٻين کي چيئرمين  ذوالفقار علي تيار ڪري وٺي آيو، پلاننگ جي بريفنگ ملڪ سعيد ڏني ۽ چيو ته آر بي او ڊي جي پاڻي سان سيوهڻ شريف کان مٿي  سنڌو درياءَ ۾ڪو به نقصان نه ٿيندو، مون گهڙي گهڙي انهي بريفنگ تي اعتراض ڪيا انهي ۾علي مير شاهه منهنجي مڪمل حمايت ڪئي.صدر صاحب کي منهنجو گهڙي گهڙي اٿڻ چڱو نه پيو لڳي پر مون دل۾ سوچيو ته انهي ۾ڪا گڙ ٻڙ آهي جو واپڊا  ۽ وفاقي سرڪار هڪ پاسي هئي  ۽ سنڌ جا ٻه ماڻهو ٻئي پاسي هئا. مون انهي وقت اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته سربراهه واپڊا وارن جي بريفنگ کي غور سان پيو ٻڌي، انهي ڏس ۾ قدرت اسانجي مدد ڪئي، آر بي او ڊي بريفنگ  کان اڳ واپڊا وارن نيشنل ڊريننج پروگرام يعني اين ڊي پي بريفنگ ڏني هئي انهي ذريعي هنن اين ڊي پي جا رهنما اصول ٻڌايا، جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته اين ڊي پي پروگرام تحت ڪٿي به لوڻياٺ وارو پاڻي مٺي پاڻين يعني واٽر باڊيز تي نه وجهندا. پرويز مشرف اها بريفنگ خيال سان ٻڌي هئي ۽ کيس ياد هئي ،هن اسانجي اعتراضن کي نظر ۾ رکندي اين ڊي پي جون ڏکاريل سلائيڊون ٻيهر ڏيکارڻ لاءِ چيو. جڏهن انهي ڏيکاريل سلائيڊ تي پهتا جنهن ۾ڏيکاريل هو ته ڪڏهن به لوڻياٺ واري پاڻي جو ڇوڙ مٺي پاڻي ۾ نه ڪجي، تمام ڄڻ اهو سوال ٻڌي وائڙا ٿي ويا ۽ واپڊا وارا ڪو جواب نه ڏئي سگهيا، فيصلو ڪيو ويو ته آر بي او ڊي جو پاڻي سيوهڻ شريف مٿان درياءَ ۾ نه وڌو وڃي ۽ متبادل بندوبست ڳوليا وڃن، هاڻي اوهان صدر صاحب جيڪو بيان پنهنجي ڪتاب ۾لکيو هو اهو پڙهو:

“صدر پاڪستان طرفان اسلام آباد ۾ ٿيل گڏجاڻي جو احوال

آر بي او ڊي ٽو جومنصوبو آبپاشي کاتي ۽ فوجي انجنيئرن گڏ ٺاهيو هو حقيقت اها آهي ته آر بي او ڊي ٽو جولنگهه يعني رستو Alignment آرمي کي ڪور جي برگيڊيئر آصف غزالي کي سيوهڻ شريف ويجهو ڪرمپور ڳوٺ کان وٺي گهاري کوري تائين  ٻه دفعا  هيليڪاپٽر ۾ چڙهي  ڏيکاريو هو تنهن کانپوءِ فوج وارن کي خاطري ٿي ته اها اسڪيم ٺگهي سگهي ٿي، پر تنهن کانپوءِ هوندي به تفصيلي سروي کي خاطر ٿي ته اها اسڪيم ٺهي سگهي ٿي. اسڪيم چئن سالن ۾ پوري ڪرڻي پوندي نه ته اهو چتاءُ هجي ته قيمت  وڌي ويندي ان جي قيمت وڌي 30 ارب رپيا ٿي وئي آهي ۽ ان جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 2000 ڪيوسڪ مان وڌائي 3500 ڪيوسڪ ٿي وئي آهي جو ڪن ٻين بلوچستان جي ايراضين جو پاڻي ان ۾ ايندو.”

آر بي او ڊي ٽو ٺهڻ ۾رنڊڪون ۽ رڪاوٽون:

مکيه  مسئلو پئسن جو آهي انهي کي ٺاهڻ لاءِ گهربل پئسا ڪونهن پهرين ان جي قيمت 14 ارب رپيا هئي تنهن کانپوءِ سال 2010ع واري ٻوڏ ۾ڪجهه نقصان ٿيا ۽ قيمت وڌي 30 ارب رپيا ٿي وئي، تنهن کانپوءِ پئسا مناسب مقدار ۾نه مليا ۽ قيمت 62 ارب رپيا ٿي وئي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار کي 8 ارب رپيا ڏيڻا هئا.

مان پئسن جي سلسلي ۾سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان ڪجهه وقت مليس، اهو صاحب  سهيل راجپوت آهي مان به هڪ راجپوت آهيان، جڏهن هو سنڌ جو فناس سيڪريٽري هو ته مان ان سان ملندو هوس، هنن مونکي سٺي موٽ ڏني پر هن دفعي مان لکت ۾ ڏئي ويس ته پئسا ڏي پر اڃان تائين پئسا نه مليا آهن، شايد سنڌ جو فنانس سيڪريٽري ان جي ڳالهه نٿو مڃي يا ٻيو ڪو سبب ٿي سگهي ٿو،جيستائين پئسا نه ملندا انهي اسڪيم جو مڪمل ٿيڻ ناممڪن آهي،وري شاهه صاحب  جي بيت جوسهارو وٺڻو ٿو پوي

آسرو ۾ لاهيج، سڄڻ ٻاجهارو گهڻو.

(شاهه لطيف ڀٽائي)