ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل پھرين المنائي فيسٽيول جي  موقعي تي پينٽنگز جي نمائش ڪرڻ سان گڏ فنڪارن فن جو مظاھرو ڪيو ـ ٻن ڏينهن واري فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ نگران وزير اطلاعات محمد احمد شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين انھن ٻارن کي پڙھايون ٿا، جن وٽ آرٽ سان چاهت،  اڳتي وڌڻ جي امنگ ۽ خواھش ته آھي پر اهي في ادا نٿا ڪري سگهن، اسان انهن ٻارن کي کي پڙھايو آھي، اڄ انھن جي فن پارن جي نمائش لڳل آھي، هن چيو ته  اسان ميوزڪ، ٿيٽر  ۽ ڊانس ۾ 112 شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا، جن ۾ 28 شاگرد فائن آرٽس جا ھئا، ان موقعي تي نامياري ليکڪ انور مقصود چيو ته  آرٽ اھڙو رستو آھي، جنهن تي رڳو ھلندا وڃو،  لڳندو آھي ته منزل اچي وئي پر منزل ويجھي ناھي ھوندي، جيئن قلمڪار قلم سان محبت ڪري ٿو، ايئن آرٽسٽ وري رنگن سان محبت ڪن ٿا ـ