آخر دنيا جو پهريون ناول ڪهڙو ۽ ڪٿان جو ٿيندو؟

0
24
آخر دنيا جو پهريون ناول ڪهڙو ۽ ڪٿان جو ٿيندو؟

 ناول جي حوالي سان دنيا ۾ وڏي تحقيق هلندڙ آهي، ان حوالي سان سائنسي طريقا به ڪتب آندا پيا وڃن ۽ پراڻن مسودن کي جاچيو پيو وڃي ته اهي ڪيترا پراڻا آهن ۽ ان بعد ان جي مواد جو اڀياس ڪيو وڃي ٿو. ويجهڙ ۾ دنيا ننڍي کنڊ تائين پهتي آهي ۽ ان جي مواد کي جاچيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان جيڪي ٻه ستين ۽ اٺين صديءَ جا ڪتاب هٿ آيا آهن، اهي سنسڪرت ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ آهن. ٿيو هيئن جو انٽرنيٽ تي سنڌ جي تاريخ بابت مواد جي ڳولا لاء سرفنگ ڪندي برٽينيڪا تي سنسڪرتي نثر لکندڙ ليکڪ بانا ڀٽ جو پروفائيل ڳولهيم جو ان ٻڌ بادشاهه هرشا تي ڪتاب لکيو هو، جنهن سنڌ تي به قبضو ڪيو هو.  سندس پروفائيل ۾ هن جي هڪ ٻي ڪتاب جو ذڪر پڙهيم ۽ حيران ٿيم ته انسائيڪلو پيڊيا سندس ستين صديءَ واري ان ڪتاب کي ناول لکيو آهي ۽ وري جو ڳولها ڪيم ته مختلف ماڻهن پاران انگريزي ۾ ترجمو ٿيل اهو ڪتاب به ملي ويو، واقعي ان جي اڻت ناول وانگر آهي. ان جو نالو “ڪدمبري” آهي ۽ اهو سنسڪرت ۾ ستين صدي عيسوي ۾ سامهون آيو جنهن جو ليکڪ بان ڀٽ آهي، ڪي ان کي بانا ڀٽ ٿا لکن. هُو ڪتاب مڪمل ڪرڻ کان اڳ ۾ فوت ٿي ويو ته سندس پٽ ڀوشنا ڀٽ اهو لکي پورو ڪيو. GWENDOLY NLAYNE پاران ڪيل ترجمي ۾ لکيل آهي ته سندس پٽ ڀوشنا ڀٽ لکيو آهي ته: “هي ڪهاڻي منهنجي پيءُ جي تخليق ڪيل آهي… جڏهن هو فوت ٿي ويو ته ڪهاڻي هن ڌرتي تي هن جي آواز سان لهي آئي. مون سندس روح کي راحت ڏيڻ خاطر اها پوري ڪئي آهي.”  ڪتاب جا ٻه حصا آهن پهريون حصو پيءُ ۽ ٻيو حصو سندس پٽ لکيو. ان کي سنسڪرتي ناول چيو وڃي ٿو. هونئن هن کان اڳ جاپاني ناول “ٽيل آف گينجي” کي دنيا جو پهريون ناول لکيو ٿي ويو ۽ وري جو مون گوگل تي “ڪدمبري” ناول لکي اها ڳولا هنئي ته ڇا هي دنيا جو پهريون ناول آهي؟ هڪدم ايموزون جي انٽري اچي وئي. انهن انگريزي ۾ ترجمو ٿيل هي ناول 1 پريل 2019ع ۾ وڪري لاءِ رکيو آهي ۽ سواليا نشاني سان لکيو آهي ته هي دنيا جو پهريون ناول آهي؟ سي ايم رائڊنگ جو هڪ ترجمو 1896ع ۾ سامهو آيل آهي. جڏهن ته گارلينڊ پبلشر نيويارڪ پاران سامهون آيل هي ناول  GWENDOLY N LAYN E جو به ترجمو ٿيل آهي. ان کان اڳ ۾ جاپاني ناول “ٽيل آف گينجي” سامهون آيو هو، جنهن جي لکجي پورو ٿيڻ جو وقت يارهين صديءَ جو پهريون ڏهاڪو هو ۽ هي ناول ستين صديءَ جي وچ ڌاران لکيل آهي، يعني ساڍا ٽي سو سال هن کان به پراڻو آهي. ان حوالي سان ڪيئي مضمون به اچي ويا آهن.

مون وڌيڪ کوج لڳائي ته ان حوالي سان وڌيڪ مواد به ملي ويو. ان ڪتاب تي 1913ع ۾ ڇپيل پي.وي. ڪيني جو اڀياس آهي، جنهن هن ليکڪ جي سوانح سان گڏ ان ڪتاب کي ڪٿا واري سڃاڻپ کان ويندي ان ۾ ناول واري تاثر هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ڀائنجي ٿو ايڪويهين صديءَ جي ٻي ڏهاڪي ۾ هن کي ناول مڃيو ويو آهي ۽ برٽينيڪا جي هڪ وڏي ايڊيٽر ٽيم 2017ع واري آخري آيل ايڊيٽنگ جي انٽري ۾ هن ڪتاب کي ناول ڄاڻايو آهي. مون سنسڪرتي مان انگريزي ۾ ترجمو ٿيل هن ڪتاب/ناول جا ڪجهه حصا پڙهيا ته اندازو ٿيو ته هي هڪ ڪٿا نه پر هن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ۽ سب پلاٽ آهن، مهماتي ۽ جادوئي آهي پر بنيادي طور پيار ڪهاڻي آهي ۽ مهاڀارت مان به ڪي ڪهاڻيون کنيل آهن، انداز اڄ واري ناول جهڙو ئي آهي. هن ۾ سُرسنڌو جي تشبيهه به ڪتب آيل آهي. سنڌ کي هڪ وڏي سلطنت ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان سنڌ سلطنت جي بادشاهه جئيدرٿ جي ارجن هٿان مارجڻ جو ڊرامائي واقعو به بيانيل آهي. ڪجهه سٽون هن ريت آهن:

 Jayadratha—who Was king of the Sindhus, Who Was exceedingly heart stealing, and whose greatness was increased by the gift of a boon from the Destroyer—was sent to the next world by Arjuna.

“جئيدرٿ سنڌوءَ جو بادشاهه هيو، هو انتهائي دل لڀائيندڙ هيو، سندس عظمت وَڏي طاقت واري پاران سوکڙي هئي – اهو ارجن هٿان ٻي دنيا ڏانهن موڪليو ويو.”

سي. ايم. رائڊنگ سنڌو جي بادشاهه واري قتل جو ترجمو هيئن ڪيو آهي:

When Jayadratha , king of Sindhu , was slain by Arjuna…

”جڏهن ارجن سنڌوءَ جي بادشاهه جئيدرٿ کي ڳترا ڪري ڇڏيو….”

ان ناول جو متن ٻڌائي ٿو ته ان جي سيٽنگ ۾ سنڌو سلطنت جا ڪيترائي علائقا آهن ۽ اڪثر سونهن توڙي روين جي حوالي سان تشبيهون هجن يا ميٽافر ان لاءِ سندور وڻ کي گهڻو ڪتب آندو ويو آهي.

ايئن هوريان تاريخ جا بند ٿيل خانا کلي رهيا آهن ۽ آڳاٽي دورن جو اهو ادب به سامهون اچي پيو جنهن ۾ اڄ به ادبي جدت محسوس ٿئي ٿي. ان حوالي سان هڪ ٻيو مضمون به منهنجي سامهون گذريو، جنهن ۾ پنجن اوائلي ناولن تي ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي ۽ سوال اٿاريل آهي ته دنيا جو پهريون ناول ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ اهو مضمون اينا گڊنگ ٻه سيپٽمبر 2020ع تي Book Riot رسالي ۾ لکيو. ان مضمون موجب پهرين نمبر تي يوناني ڪتاب CALLIRHOE ڏنو آهي. هي ڪتاب پهرين صدي عيسوي ۾ سامهون آيو. جنهن جو ليکڪ چيريٽن CHARITON آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا به ليکڪ کي ناول نگار ۽ ڪتاب کي ناول لکيو آهي. ٻي آڳاٽي ناول طور ناول به رومن ناول The Golden Ass آهي جنهن جو ليکڪ Apuleius آهي، ناول ميٽافارسس طرز تي آهي. اهو ناول ٻي صدي عيسويءَ جو آهي. هن مضمونگار خاتون جيڪو ٽيون ناول دنيا جي پهرين ناولن واري قطار ۾ رکيو آهي اهو ديوناگري ٻوليءَ جو “دشاڪمار چرت” آهي ۽ اهو ستين يا اٺين صدي عيسويءَ جو ڄاڻايل آهي. جنهن جي ليکڪ جو انگريزي ۾ اُچار Dandin ڏنو آهي ۽ وڪيپيڊيا تي ان جي صورتخطي هن ريت آهي (दण्डी) آهي. ليکڪ کي سنسڪرتي ٻوليءَ جو ڄاڻايو ويو آهي ۽ ناول کي ديوناگريءَ ۾ لکيل ڪوٺيو ويو آهي. هن ناول جي ٽيڪنڪ بابت مواد جهجو ملي ٿو ۽ ان جي اڻت به سهڻي آهي. هن ۾ سنڌو کي “سنڌوداتا” ڪري ڪوٺيو ويو آهي. “دشا ڪمار” بعد اينا گڊنگ جنهن ڪتاب جو نالو ڏنو آهي اهو مٿي ذڪر ڪيل سترهين صدي عيسوي ۾ آيل “ڪدمبري” آهي ۽ آخر ۾ جاپاني ناول “ٽيل آف گينجي” آهي. ان مان ظاهر ٿئي پيو ته دنيا جي آڳاٽن هنڌن تان جيئن جيئن مواد سامهون اچي پيو ناول بابت نوان نوان راز کلندا پيا وڃن. هاڻ ادبي دنيا لاءِ اهو مسئلو ٿئي پيو ته آخر دنيا جو پهريون ناول ڪنهن کي قرار ڏجي؟ جنهن نموني ڪتاب سامهون اچن پيا لڳي ٿو ته رومن کان اڳ وارين سنڌو، سميرين يا وري فارس وارين تهذيبن جا به اهڙا ڪتاب سامهون نه اچن، جيڪي ناول هجن. سنسڪرتي ۽ رومن وارو مواد ته سامهون اچڻ شروع ٿي ويو آهي.