سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بئراج جي نقصان رسيل دروازن جي تبديلي بابت آبپاشي کاتي فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو، 44 هين دروازي کي ويلڊنگ وسيلي سڌو ڪري مرمت بعد ساڳي جاءِ تي بيهاريو ويندو، جڏهن ته 47 هون دروازو، جنهن جي اسٽيل شيٽ ٽٽي لڙهي وئي هئي. اتي عارضي ڪيسن گيٽ لڳايو ويندو. ذريعن موجب آبپاشي کاتي پاران هن وقت ڪيسن گيٽ وسيلي ئي ڪم هلايو ويندو، ٻوڏ سيزن بعد دروازا مٽايا ويندا. ياد رهي ته سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو هو ته بيراج جو نان آپريٽو 14 هون  دروازو متبادل طور لڳايو ويندو، هوڏانهن سکر بيراج وٽ پاڻي وڌي 124024 ڪيوسڪ ٿي ويو، جيڪو 22 جون جي ڀيٽ ۾ 23 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ آهي، ڪافر ڊيم ٺهڻ کان اڳ پاڻي واڌ سان مرمتي ڪم متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن