ڪراچي /سکر ( نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته  سکر بيراج وٽ ڪافر ڊيم جي اڏاوت مڪمل ٿي وئي آهي، گيٽ نمبر 47 لڳائڻ لاءِ ڪافر ڊيم ضروري هو، ،20 مڻ وزني واريءَ جا 2070 بيگ لڳايا ويا آهن، جن جو وزن 47 هزار ٽن آهن،  هڪ ڀيرو اڳ 1982ع ۾ به هڪ  گيٽ لڙهي ويو هو، ان وقت درياءُ ۾ 30 ھزار ڪيوسڪ ۽ هاڻي هڪ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي آهي، هن چيو ته چيني ڪمپني گيٽ ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهي آهي، 20 جولاءِ تائين شپ يارڊ   کان نئون دروازو ملي ويندو،  انهي  کان اڳ پراڻو دروازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، بئراج مان نڪرندڙ ڪينالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جنهن وقت هي واقعو پيش آيو هو، ان وقت ئي آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو سکر پهچي پاڻ سموري ڪم جي نگراني ڪئي، وڏي وزير چيو ته ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو ويو،  اهو حقيقت جي برعڪس هو، اسان سنڌ جي ماڻهن وٽ جوابده آهيون، جن 70ع کان وٺي مسلسل پ پ کي کٽرايو آهي، جڏهن به اسان جي حڪومت ناهي آئي ته تِتر ٻٽير گڏائي حڪومت ٺهرائي وئي، مون کي  چيو ويو ته  توهان کي جلد سکر پهچڻ گهرجي، جنهن تي  مون چيو ته مون کي پنهنجي وزير تي پورو ڀروسو آهي، آئون  جڏهن  سکر ويس ته اتي چيف انجنيئر مٽي ۾ بڀوت هو، هو پاڻ مٿان پاڻي هاري رهيو هو، آئون کيس سڃاڻي ئي نه سگهيس، اتي  آبپاشي وزير ڪرسي وجهي ويٺل هو. هوڏانهن آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽  سيڪريٽري ظريف کيڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 20 جون تي شام جو ستين وڳي سکر بئراج جا 2 گيٽ 44 هون ۽ 47 هون متاثر ٿيا، ايريگيشن جي ايس او پي مطابق ٻنهي گيٽن تي ڪافر ڊيم ٺاهي ڪيسن گيٽ لڳائي بحالي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي هئي، چيني ڪانٽريڪٽرز ۽ ماهر انجنيئر ڪم ڪري رهيا آهن، پهريان 44 ۽ 47 گيٽن کي مٿي ڪيو ويو، 44 هون گيٽ مرمت جوڳو هو. چيني ماهرن سندس مرمت ڪري بحال ڪيو آهي. 47 هون مرمت جوڳو نه هجڻ ڪري تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ڪافر ڊيم 72 ٺهڻ بعد ايس او پي تحت بئراج جي پاند ليول بحال ڪئي ويندي،  شپ يارڊ ڪمپنيءَ سان طئه ٿيو آهي ته 20 جولا تي سکر بئراج جو گيٽ نمبر 47 هون تيار ٿي سکر  پهچندو، هن  چيو ته  47 هين گيٽ جي بحالي متعلق اسان وٽ ٽي آپشن آهن، هڪ ته شپ يارڊ 20 جولاءِ تائين نئون  گيٽ تيار ڪندي، ٻيو چيني ڪمپني پراڻي گيٽ جي مرمت ڪري 20 جولاءِ کان اڳ گيٽ لڳائيندي يا وري سکر بئراج جي بند پيل گيٽن مان هڪ گيٽ ڪڍي گيٽ نمبر 47 هين تي لڳايو وڃي. هن چيو ته اسان سمورن گيٽن جو جائزو ورتو آهي ايس او پي تحت انهن جي به مرمت ڪرائي ويندي. سنڌ جا ماڻهو پريشان رهيا ۽ پاڻي کوٽ کي منهن ڏنو. جلد پاڻي کوٽ ختم ٿي ويندي، اسان ارسا کي پاڻي ڏيڻ لاءِ لکيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڄام خان شورو چيو ته. سوشل ميڊيا يا مختلف پليٽ فارم تي ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سکر بئراج جي درن تي 56 ارب کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي آهي،  جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، هن وقت 4 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، گيٽ نمبر 36 تبديل ٿي ويو آهي. جڏهن ته  19 گيٽن جو سامان اچي پيو، 15 گيٽ ايندڙ ڪلوزنگ (بندي) يعني ايندڙ سال تبديل ٿي ويندا. آصف علي زرداري پاران سکر بئراج واري معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بابت  صوبائي وزير جو چوڻ هو ته بئراج وارو واقعو پيش اچڻ سٺو عمل نه هو،  صدر آصف علي زرداري به ناراضگي جو اظهار ڪندي فوري طور گيٽن جي بحالي جون هدايتون جاري ڪيون آهن. هن چيو وته ڪنسلٽنٽ مڪمل جائزو وٺندا ته بئراج جو اسٽرڪچر محفوظ آهي يا ان کي مرمت جي ضرورت آهي يا  وري نئين بئراج ٺهڻ گهرجي، جيڪڏهن نئون بئراج ٺهي  ته اهو ڪٿي ٺهڻ گهرجي ؟ اِن متعلق ڪنلسٽنٽ ئي ٻڌائيندا. سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ پاڻي کوٽ هن چيو ته ڪئنالن ۾ پاڻي فراهمي بند ناهي ڪئي، 2 گيٽن جي متاثر سبب وهڪرن ۾ گهٽتائي ضرور ٿي آهي. اڄ به نارا ڪئنال ۾ 13500 بجاءِ 11 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. پانڊ ليول ٺيڪ ٿيڻ سان پاڻي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي.