حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي سيري واري علائقي ڀرسان ڦليلي واهه کي 40 فٽ گهارو لڳڻ سبب پاڻي ٻيلي جي زمين ۾ ڪاهجي پيو پر ڪنهن به ڳوٺ ۽ شهر کي ڪو نقصان نه پهتو. اهو گهارو آچر جي ڏينهن صبح جو لڳو جنهن کانپوءِ ايم ڊي سيڊا پريتم داس جي اڳواڻي ۾ آبپاشي کاتي جي عملي پهچي 5 ڪلاڪن جي جدوجهد سان گهارو بند ڪرائي ڇڏيو. چيو پيو وڃي ته ڦليلي واهه جي آر ڊي 88 وٽ ڪوئن جي ٻرن مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿيو هو جنهن کي علائقي واسين گذريل رات دير سان بند ڪري ڇڏيو هو پر صبح جو اوچتو ٻرن مان پاڻي ٻاهر نڪري گهاري جي شڪل اختيار ڪري ويو جنهن سبب پاڻي اڪرم واهه ۽ ڦليلي واهه جي وچ ۾ قائم ٻيلي جي زمين ۾ ڪاهجي پيو. گهارو بندڻ ۾ دير ٿيڻ سان سيري شهر ۽ ٻين ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو ظاهر ڪيو پئي ويو پر آبپاشي عملي ان کان اڳ ئي گهارو بند ڪري ڇڏيو. ايم ڊي سيڊا پريتم داس پنهنجي نگراني ۾ گهارو بند ڪرايو ۽ ايس ڊي او منير مشوري ۽ داروغي ايوب کي معطل ڪري ڇڏيو. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري پڻ گهاري بابت ايم ڊي سيڊا کان معلومات ورتي. ايم ڊي سيڊا جو چوڻ آهي ته آبڪلاڻي جي موسم سبب ڪينال ۾ وڌيڪ پاڻي جي کڻت ڪئي وئي. واهه جي ڪنارن سان ڪوئن جا ٻر موجود آهن جتان اهو پاڻي نڪري گهاري جي صورت ۾ اختيار ڪري ويو. هن چيو ته ماتحت عملي جي لاپرواهي سبب ٻرن مان نڪتل پاڻي گهاري ۾ تبديل ٿيو ان ڪري ايس ڊي او ۽ داروغي کي معطل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي عملي کي بروقت اطلاع ڏنو ويو هو پر عملو وقت تي نه پهتو جڏهن ته انهن مڙسي ڪري پاڻ ٻرن مان نڪتل پاڻي بند ڪيو هو. هنن چيو ته لاڳاپيل عملي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.