آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي ويئي بورچياڻي!

0
212
قِصو مُنهنجي ڏَندَ ۽ ڏَندن جي ڊاڪٽر جو!

  گذريل ھفتي مِٺي مھيري جي اُٺ تي چڙھي آئون حيدرآباد جي نيلام بازار مان طوطن ۽ طوطن ماءُ لاءِ جيڪي عيد جا ڪپڙا وٺي آيو ھئس سي رات جو طوطن ماءُ خوش ٿي ورتا پر صبح جو ڏسي، ڇُھي ۽ سُونگھي سمجھي وئي تہ اھي نوان ڪونھي، نيلامي آھن، سو اروڙي تي اُڇلي اچي مون سان وڙھڻ لڳي چئي، “طوطن پيءُ آئون خانداني عورت آھيان، ڪا ڀنگياڻي ڪانہ آھيان جو تون مون لاءِ عيد لاءِ نيلامي ڪپڙا وٺي آيو آھين!” چيومانس، “ڀنگياڻي ھجين ھا تہ، ميونسپالٽي مان پگھار کڻين ھا، گھرن جي صفائي ڪري پئسا وٺين ھا تہ گھر جو گاڏو سولو ھلي پوي ھا، ڀنگياڻي عظيم عورت آھي، جيڪا روڊن رستن ۽ گھرن جي صفائي ڪري ماحول کي پاڪ ۽ صاف ڪري ٿي، محنت ڪش عورت آھي، روزانو پورھيو ڪري حق حلال جي روزي ڪمائي ٿي، تون تہ ڪنھن ڪم جي ڪانہ آھين، نہ ڪم جي نہ ڪاڄ جي، دشمن اناج جي!” منھنجي ڳالھ کيس لاجواب ڪري ڇڏيو، وري عمران خان وارو يوٽرن وٺي موضوع بدلائي چيائين، “مون توکي گلابن جي گل جھڙو شھزادو پٽ طوطن ڄڻي ڏنو، پوءِ بہ منھنجي عزت آھي جو عيد جا ڪپڙا بہ ڪونہ ٿا ملن!” چيومانس، “بروبر! تو مونکي چرٻٽ پٽ ڄڻي ڏنو سوبہ شادي کان اٺ سال پوءِ ان لاءِ مرشدن ۽ بيبين سڳورين کان تائيٿ ڪرايم، اولياءَ شھيد بابا تي باس باسي ديڳون لاٿم، حڪيمن کان ڦڪيون ورتن، حيدرآباد جي ڊاڪٽرياڻين کان فوٽو ڪڍرايم، دوائون ورتم ڏيڍ لک خرچ ٿيو تہ تڏھن وڃي اھو سپوٽ ڄائو.

توکان تہ روس جي ٽينس راند جي سپر اسٽار ماريا شيرا پووا ڀلي آھي جنھن خالي برطانوي واپاري اليگزينڊر گلڪس سان مڱڻو ڪيو ھو، نہ شادي ڪئي نہ رخصتي ڪئي نہ سھاڳ رات ملھائي، تہ بہ مائي پيٽ سان ٿي وئي.” اھو ٻڌي طوطن ماءُ کلڻ لڳي چئي، “اھو ويچاري مائي تي الزام آھي، تون ڪوڙي ڳالھ پيو ڪرين!” چيومانس آئون ڀلي ڪوڙو ھجان پر 22 اپريل واري پنھنجي اخبار جي ڇھين صفحي تي اھا خبر پڙھ! اخبار تہ ڪوڙ ڪانہ ڇپيندي. بھرحال منھنجي ڪنھن بہ دليل، عذر ۽ بھاني جو طوطن ماءُ تي اثر ڪونہ ٿيو. ھن جو 180 جی اسپيڊ سان ٽرڪو جاري ھو، ھن مون تي اھڙا خطرناڪ وار پئي ڪيا جھڙو ڪو وڍ وارو ٻٻر کي ڪيرائڻ لاءِ مٿس ڪُھاڙو پيو وسائي. آئون بيزار ٿي گھر مان ٻاھر نڪتس، سوچيم اھڙي ذلالت واري زندگي کان بھتر آھي تہ خودڪشي ڪري ڇڏيان. خودڪشي ڪرڻ لاءِ بازار مان رسو وٺڻ ويس رسي جي قيمت ٻڌايائون ست سئو رپيا. قيمت ٻڌي حيران ٿي  ويس. چيم، “سيٺ صاحب! ست سئو رپيا کيسي ۾ ھجن ھا تہ آئون طوطن ماءُ کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏيان ھا، خودڪشي ڪونہ ڪريان ھا” چڱو جو رسو مھانگو ھو انڪري آئون خودڪشي کان بچي ويس. اتان نڪري رستي جي ڀرسان بيٺل ھڪ وڻ ھيٺان  ويھي ساھي کڻڻ لڳس. آئون  سوچ ۾ پريشان ۽ غم ۾ نڍال ھئس تہ ھڪ چالاڪ ھمراھ اچي مون کان حال احوال ورتا، کيس سڄو درد جو داستان ٻڌايم چيائين، “ھل تہ منھنجي مرشد کان توکي دعا ڪرايان ۽ تعويذ وٺي ڏيان  منھنجو مرشد دعا جو صفا ھڻ کڻ اٿئي!” سندس ليڪچر مون تي اثر ڪري ويو،

اسين ٺري ميرواھ جي ڀرسان حاجاڻو ڪوڙڪي کان ٿورو اڳڀرو سندس مرشد وٽ وڃي پھتاسين. ھمراھ مرشد کي منھنجي درد جو داستان ٻڌايو ۽ پنھنجي ڪميشن وٺي روانو ٿي ويو. مرشد مون کي اوتاري ۾ اڪيلو ويھاري منھن مراقبي ۾ لڪائي اڌ ڪلاڪ کن پڙھائي ڪئي، پوءِ مراقبو ھٽائي ڇڏيائين. “خدا جا بندا توسان وڏو ظلم ٿيل آھي، توتي ڪئين ڪارا جادو ۽ ويرمٺ ٿيل آھن، تنھنجي بوتي ۾ سيون ھڻي قبر ۾ پوريو اٿن، تون تباھ ٿي ويندين.” چيومانس، “سائين انھي جو ٽوڙ ڪڍي ڪا دعا ڪو تائيٿ ڏيوم، چيائين حاضر، پر دعا ٽن قسمن جي آھي، ھڪ جو ھديو لک رپيا آھي، اھا ٽن ڏينھن ۾ اثر ڪندي ۽ ٻئي جو ھديو پنجاھ ھزار آھي، اھا ويھن ڏينھن ۾ اثر ڪندي ۽ ٽئين جو ھديو پنجويھ ھزار آھي، اھا مھيني کانپوءِ اثر ڪندي آھي. مرشد کي ھٿ ٻڌي چيم، سائين دعائون پيا وڪڻو يا پلاٽ پيا وڪڻو، اھو ٻڌي مرشد بگڙي پيو، کيس منٿ ميڙ ڪري پرچائي ڪتيءَ رکال جي اوڌر تي لک رپين واري دعا جو چيم، مرشد چيو، “اوڌر تي مون واريون دعائون اثر ئي ڪونہ ڪن، ھن ديوار ڏانھن اشارو ڪري چيو، ڏس تہ ڇا لکليل آھي، مون ڏٺو لکيل ھو، نقد بڙي شوق سي، اڌار اگلي چوڪ سي. چيومانس ٺيڪ آھي، سائين اڄوڪي رات مونکي پاڻ وٽ رھائي، سڀاڻي ڳوٺ وڃي، ڀلي سُئا مينھن وڪڻي ڪيش کڻي اچي دعا وٺندس، مونکي کٽ بسترو ۽ ماني ملي، مرشد موڪلائي حويليءَ ڏانھن ھليو ويو،

آڌيءَ رات جو اُٿي مون ڪک ميڙي گڏ ڪري مرشد واري اوتاري کي باھ ڏني ۽ گولي ٿي ويس، سوچيم ھاڻي نہ ھوندو اھو اوتارو نہ ملنديون ڪوڙي مرشد جون ڪوڙيون دعائون، آئون اچي ڳوٺ پھتس، مون کي ڏسي طوطن ۽ طوطن ماءُ ڏاڍا خوش ٿيا، ٻنھي کي ڳراٺڙي پائي چيم کٽڪو نہ ڪريو، عيد ۾ اڃا ڏينھن پيا آھن، پئسن جو آسرو مليو آھي، توھان کي عيد لاءِ عاليشان ڪپڙا وٺي ڏيندس، ٻئي منھنجي ليکي تي لھي پيا ۽ گھر ۾ امن امان پيدا ٿي پيو، پوءِ مون اڌارا پئسا ھٿ ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪري ڏنا پر ھڪ رمضان شريف  ٻيو شھباز شريف جي بادشاھي سو مھانگائي آسمان تي پھتل ھئي، مانوارا مولائي دوست ۽ غريب مٽ مائٽ سڀ اٽي ۾ جھليل! سو اڌار پئسا ڪٿان ملن ئي نہ!  نيٺ مون جھنگ جي وڻ ھيٺان ويھي گيان ڪيو، گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ مون واري اڦٽ مار فلسفي ڦاٽ ڪري ٻڌايو تہ زندگي سولي گذارڻ لاءِ وڃي ڊرامو ڪر، آئون گھر موٽي آيس، سوچڻ لڳس تہ ڪھڙو ڊرامون ڪريان جيسين ڪو ڊرامون گھڙيان تيسين مزدوريءَ لاءِ ھٿوڙي، رنبو ۽ بيلچو کڻي وڃي شھر جي فٽ پاٿ تي ويٺس، مزدوري ملي ڪانہ سڄو ڏينھن واندڪائيءَ ۽ اوٻاسين ۾ گذاريم. پاڙي جي دڪاندارن کان اخبارون وٺي انھن جو مطالعو ڪيم، اھو ڏسي حيران ٿي ويس، تہ ھر اخبار جي صفحي جي اڌ يا چوٽيءَ تي رڳو باھ لڳڻ جا واقعا ھجن، آئون سوچڻ لڳس تہ اسان وٽ روزانہ باھ جا ايترا واقعا ڇو ٿا ٿين، ان جا ڪيئي سبب منھنجي ذھن ۾ آيا، ھڪ تہ اسين ھن ترقي يافتہ دور ۾ بہ لوڙھن ۽ ڪکاون گھرن ۾ رھون ٿا، جن کي. باھ فورن جھلسيو ڇڏي ل، جڏھن تہ پنج ھزار سال اڳ موھن جي دڙي ۾ اسين پڪين سرن جي گھرن ۽ ڪوٽن ۾ رھندا ھئاسين، دنيا اڳتي نڪري وئي، اڏين پوئتي پئجي وياسين،

ٻيو تہ اسان جو مايون ماني پچائڻ کانپوءِ باھ تي پاڻي ھاري وسائي نٿيون ڇڏين ٻرندڙ ٽانڊا ڇڏي سمھيو پون، جن کي واھ کڻي لوڙھن ۽ جھوپڙن تي اڇلي باھ ڀڙڪايو ڇڏي، ٽيو تہ اسان جا مقامي ادارا، انھن جا آفيسر نااھل ۽ حرامخور آھن، خاص ڪري باھ وسائڻ جا ادارا، انھن جون باھ وسائڻ واريون گاڏيون سدائين خراب بيٺل ھونديون آھن، انھن جي ڊيزل ۽ خرچ پکن جا بل ٺاھي، آفيسر ھڙپ ڪريو ڇڏين، آئون ننڍو ھئس تہ، ڳوٺن ۾ ماچيس بہ ڪونہ ھوندو ھو، امان ماني پچائڻ کانپوءِ ٽانڊا ڪيري سان پوري ڇڏيندي ھئي جيئن ايندڙ تئوڻ لاءِ انھن مان باھ ٻاري سگھجي ۽ ٻرندڙ ڪاٺين تي پاڻي ھاري وسائيندي ھئي، جيئن ڪاٺيون ھروڀرو ڇو سڙي ضايع نہ ٿي وڃن. تڏھن ھڪٻئي جي گھرن مان ٽانڊو کڻي اچي باھ ٻاربي ھئي، ڪا مائي وري ٽانڊو کڻڻ لاءِ ايندي ھئي تہ، انھيءَ گھر جي بورچياڻي ٿي ويھي تئوڻ ڪندي ھئي، تڏھن تہ وڏڙا چئي ويا آھن تہ، آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي وئي بورچياڻي! مون واري سس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ بہ ائين ڪندي ھئي، پراين گھرن مان ٽانڊو کڻڻ ويندي ھئي تہ، اتي بورچياڻي ٿي آخر ۾ انھن کان ٻہ ٽي مانيون ۽ ٻوڙ جو وٽو کڻي ايندي ھئي ۽ گھر جي تئوڻ جو خرچ بہ بچائيندي ھئي، طوطن ماءُ بہ ائين پن جا ٽڪر کائي وڏي ٿي ھئي، بھرحال فريد آباد ويجھو ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ جيڪا خوفناڪ باھ لڳي ھئي، انھن ۾ فقط ويچارن غريبن جو سڀ ڪجھ سڙي تباھ ٿي ويو ھو،

پر سندن 9 ٻچڙا بہ باھ ۾ سڙي تڙپي تڙپي مري ويا ھئا، ٻئي ڏينھن کانپوءِ سندن پرگھور لڌي وئي، صوبائي توڙي وفاقي سرڪار سندن ڏاڍي پرگھور لڌي ھئي، اھا خبر پڙھڻ کان پوءِ منھنجي ذھن ۾ بہ ھڪ ڊرامون تشڪيل ٿيو، سوچيم آئون بہ گھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيان ۽ پاڙي جي لوڙھن مان بہ شعلا ڪڍان تہ من ھن ڏڪار جي دور ۾ بہ ڪا مالي امداد ملي وڃي، رات جو سڀ ستا تہ مون ٽانڊا کڻي وڃي پھرين پنھنجي لوڙھي ۾ وڌا پوءِ سئوٽ صدوري ۽ ماسات ماڪوڙي جي لوڙھن کي بہ چئونتيون ڏنم پوءِ تہ بسھ ڀڙڪي پئي، اصل آھين آھين، ڀڙڪن باھين وارو منظر لڳو پيو ھو، پوءِ مون اچي طوطن ۽ طوطن ماءُ کي اُٿاريو، گھرن مان ضروري سامان ڪڍي ٺلھن لڪڙن کي بہ باھ ڏنم، باھ جو ٻڌي سڄو ڳوٺ اٿي پيو، تن مڙسي ڪري پاسي مان وھندڙ پليائين واري واٽر مان ڏول، بالٽيون ۽ مٽ دِلا ڀري باھ تي اڇلائي باھ وسائي وڌي ۽ مون وارو آخري ڊرامون خطرناڪ قسط کان اڳ ئي ختم ٿي ويو، صبح جو مون صحافي گھرائي پنھنجي ڇاپرائين اوطاق ۾ زبردست پريس ڪانفرنس ڪري روئندي دانھيو تہ منھنجين نياڻين جو ڏاج پنج لک رپيا ڪيش، سونا زيور، ٻہ سئو ٻڪريون ۽ ٽيھارو کن مينھون باھ جي نظر ٿي ويون، پريس ڪوريج لاءِ حيدرآباد مان فيض کوسو ۽ امتياز ملاح اچي لٿا، ٽنڊي محمد خان مان امتياز مڱريو ۽ غلام نبي ڪيريو اچي لٿا، اڏيري لال مان محمد اسلم گھانگھلو ۽ عبدالغفور ھڱورو اچي لٿا، مون کين وڌائي چڙھائي درد جو داستان ٻڌايو پر صحافي بہ ھئا ڪانگ تن وري ٻين ماڻھن کان بہ انٽرويو ورتا، تن ابتيون خبرون ٻڌايون، مون واري ازلي دشمن قادن ڪوراڙ تہ کين چيو، طوطن پيءُ ڪوڙ ٿو ڳالھائي،

باھ پاڻ ڏئي ڊرامو ڪيو اٿس، کيس ڌيئرون آھن ئي ڪونہ، تہ ڏاج ڇا جو؟ مال بہ ڪونہ اٿس ھڪڙي دادلي ڪُتي ۽ ننڍڙي بي اولاد گڏھ اٿس انھن کي بہ ڪجھ ڪونہ ٿيو، نہ ڪيش نہ سونا زيور مولائي آھي صفا تتڙينگ ۽ اٽي ۾ جھليل!  ابا صحافي منھنجي سڄي گيم کي سمجھي ويا ٻئي ڏينھن اخبارن ۾ خبر لڳي تہ، طوطن پيءُ امداد وٺڻ لاءِ ڊرامو ڪيو اٿس، ابا پوءِ تہ مون تي راڄ پئي کليا، مون وارو ڊرامون سورنھن آنا فيل ٿي ويو، وري ٽي وي ۾ خبر آئي تہ درياڻي چانڊين جي ڳوٺ  فيض محمد ۾ ڊي سي صاحب شھباز شريف واري ڪروڙ جا چيڪ ورھائڻ پيو وڃي، آئون بہ پاڻ کي درياڻي چانڊيو سڏائي وڃي اتي قطار ۾ بيٺس، پوءِ خبر پئي تہ مون جھڙا سئو ڏيڍ ٻيا ٺڳ بہ اچي قطار ۾ بيٺا ھئا ۽ اصلي حقدارن ۽ مظلومن کي ڌڪي ٻاھر ڪڍي ڇڏيائون. ڊي سي صاحب پندرنھن حقدارن کي چيڪ ڏئي، جائزو ورتو تہ لائين وارا سڀ ٺڳ ۽ پاسن وارن ڳوٺن جا ھئا، پوء تي چيڪن جو سلسلو بند ڪري ڊي سي ھليو ويو، آئون ڏاڍو ڦڪو ۽ شرمندو ٿيس، پوء مون سڙيل ڳوٺ جو جائزو ورتو، خبر پئي تہ واقعي مسڪين ماڻھن جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي، گھر، سامان، مال تہ ٺھيو پر سندن ٻچڙا بہ سڙي ويا ھئا، مون انھن مائرن کي روئندي تڙپندي ھنجون ھاريندي ڏٺو، جن جا ٻچڙا سندن اڳيان سڙي تڙپي مري ويا ھئا، مون سوچيو تہ دنيا ۾ سڀ کان وڏو درد جو منظر اھو ئي آھي تہ مائرن جي اڳيان سندن معصوم ٻچڙا سڙندا روئندا ڦٿڪندا ۽ مرندا ھجن ۽ مائرون کين بچائڻ لاءِ بيوس ھجن تہ انھي منظر جي درد کان وڏو دنيا ۾ ڪوبہ درد ڪونھي، آئون واپس اچڻ لڳس تہ منھنجي ذھن تي ھي ڪلام تري آيو:

ڇو ٿي ڄڻيئي اھڙا ٻچڙا امان، ھت ٻچڙا باھ ۾ سڙيو مرن ٿا امان!