آئين ۽ قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو اٿئو، آئين جا بخيا اڊيڙڻ بند ڪريو:سپريم ڪورٽ

0
274
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ لاپتا ماڻهن جي ڪيسز تي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، سپريم ڪورٽ  چيو آھي تھ آئين ۽ قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو اٿئو، آئين جا بخيا اڊيڙڻ بند ڪريو

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ۾ چيو ته شهرين کي لاپتا ڪندڙن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهيو، ڇا توهان جو ڪم جوابدارن کي تحفظ ڏيڻ آهي؟

اهو ڪهڙو طريقو آهي جو جيئڻ وڻي، تيئن ڪريو، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڏک ٿيو جو رياست هڪ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف عدالت آئي آهي، ايترو ته حق ڏيو جو اغوا ڪندڙ جو نالو شامل ٿي سگهي، پراسيڪيوٽر جنرل کان ڪيس خلاف اپيل داخل ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي آھي