آئين تي عمل ئي سڀني بحرانن جو حل آهي

0
159
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جنهن ڳالهه جو امڪان يا خطرو هو اهو ئي ٿيڻ وڃي رهيو آهي .سپريم  ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ جي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت فيصلي کانپوءِ نه رڳو سياسي ڌريون  آمهون سامهون آهن پر ادارن تي به آڱريون کڄڻ شروع ٿي ويون آهن. اهو به ڪنهن سياسي ڌر، پارٽي يا عام ماڻهو طرفان نه پر سرڪاري سطح تي ان فيصلي خلاف ڳالهايو پيو وڃي .اسان اڳ ئي چيو هو ته جيڪڏهن سياسي معاملا عدالتن ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهي حل ٿيڻ بدران بحراني صورت سان سامهون ايندا جيڪو هن وقت نظر اچي رهيو آهي. هاڻي رڳو ڪو هڪ مسئلو نه پر ٻيا ڪيترائي مسئلا گڏ ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن کي حڪومت ،سياسي ڌريون ، عدالتون ۽ ادارا ڪيئن حل ڪندا اهو انتهائي اهم سوال آهي.

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي حلف ئي مس کنيو آهي ته سياسي ڌرين هڪٻئي کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن ،پي ٽي آءِ جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته وزير داخلا راڻا ثناءَ الله جي پنجاب ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ويندي ته وري ان جي جواب ۾ راڻا ثناءَالله چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت اهڙو قدم  کنيو ته اهو پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ جواز ڪافي هوندو ۽ سمري تيار ٿي رهي آهي. هوڏانهن وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پارليامينٽ جي اختيارن  ۾ ٻين ادارن  جي مداخلت تي ڳالهايو آهي ته  سپريم  ڪورٽ جي اختيارن  کي محدود ڪرڻ جون  ڳالهيون به سامهون  اچي رهيون آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ اهو به چئي رهي آهي ته اسان جيڏي مهل چاهيون وفاقي حڪومت کي ڊاهي سگهون ٿا. اهي سڀ شيون  سامهون اچڻ کانپوءِ اها ڳالهه واضح آهي ته جنهن  سياسي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو سهارو ورتو ويو اهو بحران ته حل ٿي ويو پر ان  جيڪي ٻيا سياسي ۽ آئيني بحران پيدا ڪيا آهن اهي حل ڪندي ڪندي ملڪ  جي سياست ۽ معيشت وڃي الائي ڪٿي پهچندي.؟ اسان جي اها بدقسمتي رهي آهي ته اسان  جون سياسي ڌريون ڪڏهن به پارليامينٽ جي بالادستي۽ آئين تي عمل لاءِ کليل نموني ڪم نه  ڪري سگهيون آهن اهي سدائين پنهنجي مخصوص سياسي مفادن  لاءِ استعمال  ٿينديون رهيون  آهن ۽ ٻين ادارن کي پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت جو موقعو ملندو رهيو آهي جنهن ڪري جيڪو سڀني ادارن  کان  سپريم  ۽ مٿانهون ادارو آهي جيڪو ٻين ادارن کي وجود ۾ آڻڻ جو  بنيا د آهي اهو ئي سڀني ادارن  کان سدائين  ڪمزور رهيو آهي. جيڪڏهن ڪا به ڌر ڪمزور پوزيشن ۾هوندي آهي ته انهي کي اهو آئين ئي تحفظ ڏيندو آهي  پر جڏهن اهي ڌريون طاقت يا اقتدار ۾ اچن ٿيون ته انهي آئين  کي طاقتور ڪرڻ بدران ان  کي ڪمزور ڪرڻ جي پٺيان لڳي وڃن ٿيون جنهن ڪري ئي هن ملڪ ۾ بحرانن مٿان  بحران  پيدا ٿين ٿا.

اسان سمجهون ٿا ته نه ئي ڪنهن صوبي ۾ ان جي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ ڪو گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو نه ئي ڪا صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت جي گهرو وزير جي ان صوبي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي سگهي ٿي. اهي سڀ سياسي ڌمڪيون آهن جيڪي ڌريون هڪٻئي کي ڏئي رهيون آهن پر ان سياسي جهيڙي ۾ ان حد تائين  نه وڃڻ گهرجي جو آئين جي ئي لتاڙ ٿئي. ان آئين جي مسلسل لتاڙ جي ڪري ئي هن وقت اهڙا بحران سامهون اچي رهيا آهن  جن جو ڪو حل نظر نه ٿو اچي. تنهن ڪري ڌريون ۽ ادارا آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته اهو بحران پاڻ ئي ختم ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته آئين تي عمل ئي سڀني بحرانن جو حل آهي.