آئون پاڻ وڙهنديس

0
193
آئون پاڻ وڙهنديس

مقتول ناظم جوکيو جي گهرواري جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هوءَ چوي ٿي ته سالار منهنجي مڙس ناظم کي اغوا ڪري کڻي ويو هو، اهو ڄام گهرام ڄام اويس جو خاص ماڻهو آهي، ناظم حق جو آواز اٿاريو هو، شڪار کان انهن کي منع ڪئي، عرب کي وٺي هتي شڪار ڪرايو ٿا اهو نه ڪريو، منهنجي مڙس کي کڻي ويا ته فيصلو ڪرڻو آهي پوءِ تشدد جو نشانو بڻائي کيس ماري ڇڏيو، لاش به نه ڏئي رهيا هئا، اسان غريب ضرور آهيون پر پئسن وارن کان نٿا ڊڄون، اسان کي انصاف گهرجي، آئون وڙهنديس، ڀلي موت ٿي وڃي پر آئون مڙس جي خون سان انصاف لاءِ وڙهنديس، مون کي انصاف گهرجي،

جيئن منهنجي مڙس سان ٿيو آهي ايئن ئي قاتلن سان ٿيڻ گهرجي، نياز سالار کي ڪارو منهن ڪارو ڪري هتي وٺي اچو ان کي آئون پاڻ پادر هڻنديس، پاڻ ئي ان کي مارينديس، جنهن اهو سڄو ظلم ڪرايو آهي. الله انهن سڀني کي خوش رکي جيڪي اسان سان گڏ آهن، جيڪڏهن ايئن ٻڌي رهي ته اسان حق لاءِ وڙهنداسين، اميرن کان نٿا ڊڄون، اسان جي ووٽن سان ئي اهي اقتدار ۾ اچن ٿا، اسان غريب ماڻهو ئي انهن کي پنهنجي مٿي تي ويهاريون ٿا. پوءِ اسان جي ئي ڳچي ۾ پون ٿا. آئون ٻين جي گهرن ۾ ٿانو ٻهاري جو ڪم ڪري گذارو ڪندي آهيان، گهڻا ڏک ڏٺا آهن، مون کي ضرور انصاف ملندو. ناظم اسان جو سهارو هو.