لاهور (شوبز نيوز) پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ فريال محمود چيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ ايمانداري سان پنهنجي موجودگي کي برقرار رکڻ ۽ اڳتي وڌڻ تمام گهڻو مشڪل آهي،جيڪڏهن توهان کي روايتي طريقا اچن ٿا جهڙوڪ ڪنهن کي ڪٿان ڪٽڻو آهي، ڪنهن جي باري ۾ ڪهڙي ڳالهه ڦهلاڻي آهي، ڪٿي پارٽي ڪرڻي آهي يا وري ڪنهن سان دعوت تي وڃجي ته پوءِ تمام گهڻو آسان آهي.فريال محمود جو چوڻ هو ته انسان جي عزت ان جي هٿ ۾ هوندي آهي، مون 8 سالن دوران ڪافي ڪجهه ڏٺو آهي، چيو ويندو هو ته توهان هڪ سال ڏيو، ڪٿي ٻاهر ٿا هلون،آئون چوندي هيس ته هڪ نه ٻه سال وٺو، ڪم ڪيون ٿا، اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي جيڪا آفيس ۾ نٿي ٿي سگهي، سڀني کان مٿي جيڪو ماڻهو هوندو آهي اهو مونکان سوال پڇندو آهي ته منهنجو رويو اهڙو خراب ڇو هوندو آهي، ڪير به توسان ڪم ڪرڻ کان ڇو لنوائيندو آهي، حالانڪه آئون پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي آهيان، وقت تي پهچي ويندي آهيان ۽ مونکي ڪنهن اداڪار سان به ڪو مسئلو ناهي.هن چيو ته آئون ماڻهن کي ان ڪري مشڪل لڳندي آهيان ڇاڪاڻ جو آئون تفريح نه ڏيندي آهيان، هنن جي واهيات ۽ فضول لطيفن تي ناهيان کلندي.