لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ دستياب هوندو. ذريعن موجب، ڪپتان بابر اعظم جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ فزيڪل ٽريننگ جاري آهي ۽ هو ايندڙ هفتي نيٽ پريڪٽس شروع ڪندو. ياد رهي ته ان کان اڳ قمي ڪرڪيٽ ٽيم جي بنگلاديش خلاف هوم سيريز ۾ بابر، رضوان ۽ شاهين کي ڊراپ ڪري نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آگسٽ جي ٽئين ۾ پاڪستان ايندي، ٽيسٽ ميچون ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن جڏهن ته ٽيسٽ ميچون ڪراچي راولپنڊي ۾ ڪرائڻ جي تجويز آهي.