بيلفاسٽ(انٽرسٽنگ نيوز) اتر آئرلينڊ جي هڪ نوجوان مسٽر پوٽيٽو بيڊ جو رانديڪو 5.15 سيڪنڊن ۾ ڳنڍي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. اتر آئرلينڊ جي علائقي انٽرم ج رهواسي 20 ورهين جي ڊيڪلن مڪ فيرن ٻڌايو ته هن رانديڪي کي ٺاهڻ جي صلاحيت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ چار ڪلاڪ لڳايا. ڊيڪلن ملڪ فيرن گنيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي چيو ته هو هميشه رڪارڊ ٺاهڻ چاهيندو هو ۽ حيران ڪندڙ حد تائين هن اهو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. هن پنهنجي ڪاميابي جو راز چست صحت کي ڏندي چيوته کيس رانديڪو ٻيهر ڳنڍڻ جو ڪم جسم، ٽوپي ۽ ٽنگن کان شروع ڪرڻو هو۽ ٽنهي ٽڪرن کي هڪ ئي وقت ڳنڍي پئي سگهيس. ان کان اڳ 2022ع ۾ ملائيشيا جي لِم ڪائي يَي رانديڪي کي 28 سيڪنڊن ۾ ڳنڍي رڪارڊ قائم ڪيو هو.