فلوريڊا (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ آخري گروپ ميچ اڄ کيڏي ويندي. ذريعن موجب، آئرلينڊ خلاف پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ ٻن تبديلين جو امڪان آهي، آخري گروپ ميچ۾ ابرار احمد ۽ عباس آفريدي کي موقعو ملي سگهي ٿو. ٻئي پاسي فلوريڊا ۾ خراب موسم سبب ميچ متاثر ٿي سگهي ٿي، ڇنڇر واري ڏينهن به برسات سبب قومي ٽيم پريڪٽس سيشن ۾ حصو نه ورتو. ياد رهي ته پاڪستان ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون پهريان ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ واري ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن