غوثپور: ٽن ھندو واپارين جي اغوا جي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو غوثپور پهچي مغوين جي وارثن سان ملاقات  ڪري تفصيل ورتا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مغوين جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ٽن ڏينهن اندر مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آءِ جي سنڌ جي ھدايتن تي هتي پھتو آھي، ھندو برادري جي اغوا واقعي ۾ جيڪو به ملوث هوندو، ان کي بخش نه ڪيو ويندو.