آءِ بي اي ٽيسٽ:40 پلس مارڪن وارا اميدوار پاس قرار ڏنا وڃن

0
191
آديش ڪمار ڪٿي آهي؟

 گهڻي عرصي کانپوءِ  سنڌ مان بيروزگاري جو خاتمو آڻڻ لاءِ هڪ ئي وقت سنڌ سرڪار  50 هزار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ مرحوم نثار صديقي جي محنت سان جوڙيل اداري آءِ بي اي سکر معرفت پرائمري ۽ جونيئر ايلمينٽري ٽيچر يعني پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي ۽ گڏوگڏ 46 هزار کان وڌيڪ جايون مقرر ڪيون ويون، جن ۾ لکين شاگردن فارم ڀرائي ٽيسٽ واري مرحلي ۾ حصو ورتو، حڪومت پاران پهريون اهو شرط رکيو ويو ته هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪون لازمي هجن ۽ 55 پاس مارڪون هونديون، ٽيسٽ جي آيل نتيجن ۾ اهو ثابت ٿيو ته هڪ لک کان وڌيڪ اميدوارن مان چند هزار اميدوار پاس ٿيا هئا، جنهن لاءِ اهو چيو پئي ويو ته هاڻي ٻيهر ٽيسٽ ٿيندي پر تعليم کاتي جي اختيارين ۽ وزير سردار شاهه آءِ بي اي طرفان ڏنل ٽيسٽ مارڪس واري شرط ۾ نرمي ڪري ميل 55، في ميل 50 تي پاس ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ وري ڏسندي ڏسندي ايئن ٿيو جو هڪ ئي وقت “هارڊ ايريا” جي نالي 33 مارڪس اميدوارن کي پاس ڄاڻايو ويو ۽ نتيجي طور هڪ ئي ڌڪ ۾ 12 هزارکان وڌيڪ اميدوار هارڊ ايريا واري نالي ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ کين آفر آرڊر به ڏنا ويا، يعني تعليم واري وزير سردار شاهه جيڪا دعويٰ پئي ڪئي ته اسان سنڌ مان اهڙا ٽيچر ڀرتي ڪنداسين جيڪي هڪ ئي وقت سائنس، فزڪس، انگريزي ڄاڻيندا هجن، جيڪو وزير موصوف ته نه ڪري سگهيو پر مٿان وري هارڊ ايريا واري نالي سنڌ جي ماڻهن مٿان جيڪو عذاب مڙهيو ويو، اهو هڪ سوچڻ جهڙو آهي ته آخر سنڌ سرڪار توڙي ان جا وزير ڪهڙين مجبورين ڪري اهڙو ڪجهه ڪن ٿا، هزارين اميدوارن جي اها خواهش آهي ته اُهي استاد ٿين ۽ هن معاشري ۾ پنهنجو نالو ٺاهين پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته هتان جي حڪمرانن جي پاليسين نوجوانن کي مونجهاري جو شڪارڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اڄ تائين سوچڻ تي مجبور آهن.

هن سرڪار جي عجيب ترين فيصلن تي کين ڀرپور داد ڏيڻ گهرجي، اهڙيون پاليسيون جوڙيون ويون آهن جو پاس اميدوار به پريشان ته وري ناپاس اميدوار به پريشان، چوڻ جو مطلب اهو ته هن سرڪار جي پاليسي هيءَ آهي ته اوور آل مسلمان ڇوڪرا 55 تي پاس، مسلم ڇوڪريون 50 تي پاس، نان مسلم 50 تي پاس، مسلم ڇوڪرو 54 تي ناپاس، هارڊ وارو ايريا وارن علائقن ۾ رهندڙ اميدوار مٿان سرڪار جي خاص مهرباني آهي، اُهي 33 مارڪون به کڻي استاد بڻجي ويندا پر هارڊ ايريا جي ڪجهه ئي مفاصلي تي رهندڙ اميدوار جيڪو هارڊ ايريا ۾ نه ايندو اهو 54 مارڪون به کڻي استاد بڻجي نٿو سگهي، سنڌ حڪومت جي اهڙي ٻٽي پاليسين جي ڪري هزارين شاگرد احساس ڪمتري جو شڪار آهن، جيڪي چاهين ٿا ته کين آفر آرڊر ڏئي استاد بڻايو وڃي، پر خبر ناهي ته سردار شاهه ۽ سندس ٽيم طرفان جوڙيل جيڪا پاليسي آهي اُها اميدوارن کي سمجهه ۾ نه ايندي،سنڌ حڪومت جي اهڙي پاليسين خلاف هاڻي سنڌ جا نوجوان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،

هر روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ اميدوارن جو احتجاج نظر اچي ٿو،هڪڙا اميدوار اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته 50 پلس وارن کي پاس قرار ڏئي کين آرڊر ڏنا وڃن ته ٻيا وري اُهي اميدوار به آهن جيڪي چون ٿا ته 40 پلس وارن کي پاس ڄاڻائي آفر آرڊر ڏنا وڃن، سنڌ سرڪار جيڪڏهن 33 پاس تي هارڊ ايريا نالي اميدوار ڪامياب قرار ڏنا آهن ته پوءِ 40 پلس وارن جو به مطالبو حقي آهي، ڇاڪاڻ ته سرڪار پاڻ اهڙيون پاليسيون جوڙيون آهن،جن مان واضح ٿئي ٿو ته سرڪار پاڻ ڀرتين کي مشڪوڪ پئي ڪري، ڇو جو هارڊ ايريا مان 33 تي پاس ٿيندڙ اميدوار استاد بڻجي سگهن ٿا ته پوءِ 40 پلس وارا ڇو نه؟ اهو هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب گهربل آهي. هاڻي انهن ڀرتين ۾ هڪ ٻي ڳالهه اها به سامهون آئي آهي ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ اهڙن اميدوارن کي به پاس ڄاڻايو ويو آهي جيڪي معذور ڪوٽا تحت قابل به ناهن، سانگهڙ، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ اهڙا واقعا سامهون آيا آهن، جيڪي ظاهري طور تي سيڪريٽري تعليم نوٽيس ورتو پر خبر ناهي ته اندروني طور تي اُهي ڀرتي ٿيا آهن يا نه، جن جو رڪارڊ هاڻي نٿو ملي.

ميرپورخاص ۾ اڳوڻي ڊي اي او جي پٽ کي 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڄاڻايو ويو، پر خبرون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ کيس فوري طور تي لسٽ مان غائب ڪيو ويو، سو چوڻ جو مطلب اهو ته سرڪار پاران ٿيندڙ ڀرتين ۾ايتريون گهوٻيون ۽ مس ڪنڊڪٽ جهڙا واقعا سامهون اچن پيا پر ان باوجود به سرڪار سوچڻ کان قاصر آهي، جي اي ايس ٽي واري معاملي تي اڳ نوڪري ڪندڙ پرائمري استاد پروموشن لاءِ عدالت ويا، عدالت ۾ معاملو هجڻ ڪري اميدوارن پي ايس ٽي کي ترجيح ڏني ۽ آفر آرڊر ورتا، جيڪي پي ايس ٽي ۾ پاس آهن، اهي جي اي ايس ٽي ۾ پاس قرار ڏنل آهي، تنهن جو مطلب جي اي ايس ٽي جي 17 هزار کان وڌيڪ جايون مڪمل ڪرڻيون آهن، هاڻي جيڪڏهن پي ايس ٽي آرڊر وٺندڙ اميدوار جي اي ايس ٽي جو آرڊر وٺن ٿا ته پوءِ ظاهر آهي پي ايس ٽي جون سيٽون رهنديون، ان لاءِ سنڌ سرڪار کي هاڻي پاليسي ۾ نرمي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي.

مڪاني چونڊون مٿان اچي رهيون آهن ۽ پ پ کي پنهنجن ماڻهن وٽ به وڃڻو آهي، تعليم کاتي طرفان متعارف ڪرايل پاليسين جي حوالي سان هزارين نوجوانن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ آهي، ڇا اُهي اهڙي پاليسين جي هوندي پ پ اميدوار جي مدد ڪري سگهن ٿا، ٻيو سوال اهو ته پ پ چيئرمين سميت سرڪار جي وزيرن ۽ مشيرن جي اهڙي دعويٰ تي به ڇنڊا پون ٿا جيڪي چئي رهيا آهن ته اسان هزارين نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن پر هنن جي پنهنجي پاليسين ڀرتين کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. تنهن لاءِ سرڪار کي اها گذارش آهي ته پاڻ کي تڪراري واري ٺپي کان بچائڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ رهندڙ سيٽن تي 40 پلس اميدوارن کي فوري طور تي پاس قرار ڏئي کين آفر ڏئي نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن هو مستقبل ۾ اوهان سان گڏ رهي سگهن.