حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليم کاتي سنڌ ۾ جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن عبدالمجيد ملاح، عبدالغفار چنا، مهراڻ ڀٽو ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تازو آءِ بي اي جي ٽيسٽ دوران آءِ بي اي جو معيار سامهون اچي ويو آهي. ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي سميت معيار جو ڪو به خيال نه رکيو ويو. ٽيسٽ پيپر جو آئوٽ ٿيڻ ۽ اشتهار جي ابتڙ سوال ڏنا ويا جڏهن ته پاس مارڪون 45 سيڪڙو مقرر اميدوارن سان ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عالمي معيار جي تقاضن کي پورو ڪندي 45 سيڪڙو مارڪن واري شرط کي ختم ڪري اهل ۽ قابل اميدوارن کي نوڪريون ڏئي تعليم جي ڀلائي لاءِ قدم کيا وڃن ٻي صورت ۾ آءِ بي اي ۽ تعليم کاتي جي پاليسين کي هاڻي عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويندو.