سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي حسين صديقي ۽ بختاور سومرو طرفان داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر مير محمد شاھ ۽ رجسٽرار زاھد حسين کنڊ عدالت ۾ پيش ٿي جواب جمع ڪرايو، عدالت وي سي ۽ رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان حسين صديقي کي آفيس اچڻ کان ڇو روڪيو آهي؟ جنهن تي سندن چوڻ هو ته هنن حسين صديقي کي ناهي روڪيو هو آفيس اچي سگهي ٿو ان دوران حسين صديقي جي وڪيل آءِ بي اي انتظاميا جي طرفان جمع ڪرايل جواب کي پڙهي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنھن بعد عدالت ٻڌڻي 29 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ٻن ڇوڪرين طرفان سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري يونيورسٽي جي ذميوارن مٿان سنگين قسم جا الزام مڙھيا ھئا، جنھن تي آءِ بي اي يونيورسٽيءَ طرفان يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار زاھد حسين کنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ تشڪيل ڏني سينيئر فيڪلٽي ميمبرن تي مشتمل ٽيم وڊيو واري معامري ۾ حسين صديقي کي ذميوار قرار ڏنو، سندس خلاف ڪارروائي جي لاءِ شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو ھو، يونيورسٽي انتظاميا طرفان ڏنل شوڪاز نوٽيس خلاف آءِ بي اي يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ او حسين صديقي عدالت سان رجوع ڪيو، جنھن تي عدالت شوڪاز نوٽيس تي اسٽي جاري ڪندي ڌرين کي عدالت ۾ طلب ڪيو ھو.