سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل معامرو، آءِ بي اي يونيورسٽي انتظاميا طرفان رجسٽرار جي صحيءَ سان جاري ٿيل آرڊر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر، آءِ بي اي سکر جي باني اڳوڻي وائيس چانسلر مرحوم نثار احمد صديقي جي پٽ حسين احمد صديقيءَ کي نوڪريءَ تان برطرف ڪري ڇڏيو آھي، يونيورسٽي انتظاميا، آءِ بي اي جي باني مرحوم نثار احمد صديقيءَ جي بيواھ عائشا ڏانھن ھڪ نوٽيس اماڻيندي وائيس چانسلر ھائوس ھڪ مھيني اندر خالي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ضابطن ۽ قائدن موجب نثار احمد صديقيءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ 6 مھينن تائين فيملي رھي سگھي ٿي، سنڌ حڪومت طرفان نئون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن کي رھائش لاءِ وائيس چانسلر ھائوس جي ضرورت آھي، ان ڪري توھان کي ھڪ مھينو اڳ وائيس چانسلر ھائوس خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏجي ٿو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي آءِ بي اي سکر جي اڳوڻي وائيس چانسلر نثار احمد صديقي جي فرزند حسين احمد صديقي جو چوڻ ھو ته بختاور جي بيان کان پوءِ اِھا ڳالھ واضع ٿي وئي ھئي ته منھنجو ان وڊيو اسڪينڊل سان ڪو تعلق ناھي، پر اِن باوجود يونيورسٽي انتظاميا مون کي 25 مئي تي برطرف ڪري ڇڏيو ھو، عدالت سان رجوع ڪري اسٽي به حاصل ڪيو آھي، پٽيشن جي ٻڌڻي 29 جون تي رٿيل آھي. برطرفي وارو آرڊر عدالت جي حڪم جي خلاف ورزي آھي، تنھن ڪري ھو توھين عدالت واري درخواست داخل ڪرائيندو. ھن الزام مڙھيندي چيو ته تازو ئي پي ايس ٽي لاءِ درخواست ڏيندڙ نياڻيءَ کي واٽس ايپ ذريعي آءِ بي اي جي آفيشل نمبر ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اِن معامري کي لڪائڻ جي لاءِ پراڻي تاريخ وارو منھنجي برطرفي وارو آرڊر ميڊيا آڏو آندو ويو آھي، آفيشل نمبر استعمال ٿيڻ ۽ سموري معامري جا اسڪرين شارٽ ھجڻ باوجود ھن وقت تائين انتظاميا جي خاموشي اِن ڳالهه جو ثبوت آھي. ھن چيو ته نياڻيءَ کي هراسان ڪرڻ واري معامري جي نيوٽرل آفيسر کان جاچ ڪرائي وڃي ته حقيقتون سامھون اچي وينديون.