ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) آءِ ايم ايف ڊيل: ڊالر 287 رپين تي پهتو: سون 700 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 700 رپيا واڌ سان 214600 مان 215300 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا اضافي سان 2800 مان 2810 رپيا تولو ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 3 رپيا لاٿ سان 290 مان 287 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ مني چينجرن جو چوڻ هو ته اڱاري تي بينڪون کلڻ بعد انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه چٽو ٿي سگهندو، هوڏانهن پائونڊ 369 ۽ يورو 316 رپين تي برقرار رهيا