اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنٽينر جي مٿان حڪومت هلائڻ جو تجربو ناڪام ٿي چڪوآهي، اپوزيشن ليڊر کي قوم سامهون معاشي حقيقتون ٻڌائڻ جي اجازت نه ڏني وئي، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته حڪومت گوڙ، هنگامي ۽ ٻاراڻين حرڪتن سان عوام جي اکين ۾ ڌوڙ نه ٿي وجهي سگهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجو غير ذميواراڻو ڪردار نه نڀائي رهيا آهن، انهن خلاف عدم اعتماد جي رٿ اچي ٿي ته پيپلز پارٽي جا سمورا ميمبر اپوزيشن ليڊر سان گڏ هوندا، هن چيو ته حڪومت اقتصادي سروي مان مهانگائي ۽ بيروزگاري جا انگ اکر گم ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن پنهنجي ناڪامي کي لڪائي سگهي، پاڪستان جو هر شهري عمران خان جي حڪومت سبب مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي چڪو آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته حڪومت معاشي طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ۽ اهو عمران خان جي تبديلي جو اصل چهرو آهي، هن چيو ته بجيٽ آءِ ايم ايف جي ملازمن جي ٺاهيل آهي، مهانگائي جو طوفان ايندو، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ سنڌ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اسلام آباد کان شرڪت ڪئي.