آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن: شوڪت ترين

0
247
ايف آءِ اي شوڪت ترين خلاف

اسلام آباد: ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف سان پاڪستان جا معاملا  طئي ٿي ويا آهن. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو هلندڙ هفتي ئي ٿي ويندو

ناڻي واري صلاحڪار چيو ته اسان جو ڪم عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ليٽ نه ٿيندي. مهانگائي تي ضابطي لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ عالمي قيمتون منهنجي ڪنٽرول ۾ نه آهن

اسٽيٽ بينڪ جي قانونن ۾ ترميم بابت ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته آئيني ترميمن جي ضرورت آهي ۽ آئيني ترميمون ڪرائڻ لاءِ اسان وٽ گهربل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت موجود نه آهي. نيشنل بينڪ جي سرور تي ٿيل حملي بابت ڳالهائيندي ناڻي واري صلاحڪار چيو ته دشمن ملڪ اسان جي پاڙي ۾ ويٺل آهي