اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته بجلي تي هن وقت به 11 سئو ارب ۽ گئس جي 4 سئو ارب سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، حڪومت دفاعي بجيٽ جيترا 16 سئو ارب سبسڊيز تي  لڳائيندي ته معيشت جو ٻيڙو ئي ٻڏي ويندو، اسان کي سخت قدم کڻڻا پوندا ۽ هيءَ بجيٽ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اسان جو پهريون هدف ملڪ کي سريلنڪا ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پرسنل انڪم ٽيڪس گهٽ لڳائڻ تي آءِ ايم ايف اسان کان خوش نه آهي، 25 لک دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ جي دائري ۾ آڻي رهيا آهيون، عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ڏئي تباهي مچائي ويو، سخت قدم کڻڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به آپشن موجود نه آهي، پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل ايف کان متوقع قرض جي رقم بجيٽ ۾ شامل  ٿيل نه هجڻ جو به اعتراف ڪيو،  سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان انتهائي مشڪل وقت  بجيٽ پيش ڪئي آهي، پاڪستان مشڪل وقت ۾ آهي، هن کان وڌيڪ ڳنڀير وقت ڪڏهن نه ڏٺو آهي، هڪ طرف عالمي سطح تي مهانگائي جا چيلينج آهن ته ٻئي طرف اڳوڻي حڪومت ۽ انتظاميا پاران مسئلن جي حل لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، مهانگائي تي ضابطو ۽ ترقي اسان جو حدف آهي پر پهريون حدف مالياتي استحڪام آهي جيئن ملڪ سريلنڪا جهڙي صورتحال کي منهن نه ڏئي، عمران خان معاشي تباهي مچائي ويو، غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻو آهي، اسان مشڪل فيصلا ڪري رهيا آهيون. عمران خان ۽ ان جي ٽيم نااهل هئي، عمران خان جي ٽيم  جا گهڻا ماڻهو خرد برد ۾ ملوث هئا، سڀني کي معلوم آهي ته ڪهڙي ريت رشوت تحفن جي صورت ۾ ورتي وئي، هن چيو ته ختم ٿيندڙ مالي سال دوران بجلي شعبي کي 1100 ارب رپين کان وڌيڪ جي سبسڊي ڏني، بجلي جي في يونٽ تي 16 رپيا سبسڊي حڪومت ڏئي رهي آهي، بجلي جي في يونٽ جي پيداواري لاڳت 30 کان 35 رپيا آهي، بجلي شعبي جا 16 سئو ارب رپين جا لاسز ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيندا، هن چيو ته گيس شعبي ۾ هن سال 400 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي، ٻئي طرف گيس شعبي جو گردشي قرض 1400 ارب رپين تائين پهتو آهي، ايس اين جي پي ايل گذريل ٻن سالن ۾ 200 ارب رپين جو نقصان ڪيو، 20 ڊالرن تي گيس خريد ڪري ٻن ڊالرن ۾ وڪرو ڪئي ويندي ته ملڪ پيسا ڪٿان آڻيندو، ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو نه ته معيشت نه هلي سگهندي، هن وقت مشڪل فيصلن کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ناهي، هي بجيٽ به ان جي ڪڙي آهي، پيش ڪيل بجيٽ 4 کرب 598 ارب رپين جي خساري واري آهي، گذريل 4 سالن ۾ سڀ کان وڏي خساري جي بجيٽ عمران خان جي دور ۾ آيون، ايندڙ مالي سال لاءِ قرضن جي ادائگي لاءِ 3950 ارب رپيا رکيا آهن، قرضن جي ادائگي ۾ 2500 ارب اضافي ڏئي رهيا آهيون، جيڪا قرض جي ادائگي ٻن دفاعي بجيٽن جي رقم جي برابر آهي، ناڻي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال دوران 7400 ارب رپين جون ٽيڪس وٺنداسين، نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ 2000 ارب وصول ڪيا ويندا، 4000  ارب رپيا صوبن کي ڏينداسين، 4000 ارب قرضن جي ادائگي ۾ ويندا، ان کان پوءِ صرف هڪ هزار ارب رهجي وڃي ٿو،جنهن مان حڪومت هلائڻي آهي، مفتاح اسماعيل چيو ته 25 لک دڪاندارن کي هن سال ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين، انتظامي مامرن ۾ بهتري نه آندي وئي ته ملڪ هلڻ مشڪل آهي، سال ۾ 30 ڪروڙ رپيا منافعو ڪمائيندڙن تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو آهي، ملڪيتن تي به ٽيڪس لڳائي آهي، اسان صورتحال تي ضابطو آڻينداسين، ميڊيا کي به گذارش آهي ته اگر اسان مشڪل فيصلا ڪيون ته هڪ هڪ فيصلي تي ميڊيا دانهون نه ڪري، اگر اسان پيٽرول مهانگو ڪيون ٿا ته اهي پيسا گهر کڻي نه وينداسين، قومي خزاني ۾ ئي جمع ٿيندا، اهو درست آهي ته پيٽروليم ليوي مهانگائي کي وڌائيندڙ ٽيڪس آهي، اگر سريلنڪا جهڙيون حالتون ٿيون ته قوم ۽ تاريخ معاف نه ڪندي، ضمير به معاف نه ڪندو، هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته اميرن کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪئي وڃي، عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، هن چيو ته نه ٿو لڳي ته تيل قيمتون هن سال گهٽ ٿينديون، تيل تي سبسڊي ڏيڻ جو هاڻي ڪوئي آپشن نه رهيو آهي، ان سان وياج جي شرح ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن ڪري قرض وٺڻ مشڪل ٿي ويندو، خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مالياتي پاليسي کي سخت ڪيو ويندو، هن چيو ته اسان پرسنل انڪم ٽيڪس کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سان آءِ ايم ايف خوش ناهي، پارليامينٽ ۾ بجيٽ تي بحث ٿيندو، وزيراعظم ڪجهه تجويزون رد ڪيون آهن، ايندڙ 15 ڏينهن کان پوءِ بجيٽ ۾ ڪجهه تبديليون ٿينديون، اڳوڻي حڪومت  آءِ ايم ايف جي معاهدي خلاف تيل تي سبسڊي ڏني، عمران خان جعلي چيڪ ڪٽي ڀڄي وڃڻ واري حرڪت ڪئي، آءِ ايم ايف اسان مان خوش ناهي، آءِ ايم ايف سان اسان ڳالهيون ڪنداسين، مشڪل فيصلا ڪيا آهن ۽ وڌيڪ به مشڪل فيصلن جي ضرورت پئي ته ڪيا ويندا، هن چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا وزيراعظم رهيو، ان جي ٽنهي دورن جي حڪومت جي مجموعي مدت 10 سال جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي، عمران خان نواز شريف جي جي حڪومت کان به ٻيڻ کان به وڌيڪ قرض ورتا، چئن سالن ۾ 80 سيڪڙو وڌيڪ  قرض ورتو، هن چيو ته تيل اگر خريد به ڪيو وڃي ها ته پوءِ به جون ۾ لوڊشيڊنگ ٿئي ها، ڇو ته اڳوڻي حڪومت بجلي گهرن جا منصوبا پورا نه ڪيا، ڄامشورو بجلي گهر مان في يونٽ 59 رپين جي لاڳت سان پيدا ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ بار بار امير کي امير ڪري معيشت هلائي وڃي ٿي، غريب کي امير ڪري به ڏٺو وڃي، زرعي پيداوار ۾ واڌ سان غريب طبقي کي ڪجهه پيسا ملندا، ن ليگ مٿان تاريخ جو قرض آهي اسان کي ايڪسپورٽ وڌائي 35 ارب ڊالر تي پهچائڻي آهي، هن اهو به اعتراف ڪيو ته آءِ ايم ايف کان متوقع قرض جي رقم کي بجيٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، ايس ڊي جي اسڪيمن جا پيسا قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي کيسي ۾ نه ويندا، سوئي سدرن گيس ڪمپني ۾ 20 سيڪڙو  يو ايف جي آهي، ان  گيس بابت اسان کي معلوم ناهي ته 20 سيڪڙو گيس پوري ٿي رهي آهي يا هوا ۾ اڏامي رهي آهي، ان موقعي تي  ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته حڪومت ۾ آياسين ته حالتون ايتريون خراب هيون جو اسان پريشان ٿي وياسين، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته مشڪل فيصلن جو بار عوام تي گهٽ پوي، بجيٽ ۾ اضافي ٽيڪس ملڪيتن، اثاثن ۽ اميرن  جي اضافي آمدني تي لڳايا آهن، دنيا ۾ ٿيندڙ مهانگائي کي روڪي نه ٿا سگهون، اڳوڻي حڪومت جي ڪيل معاهدن بابت به ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، اسان جا هٿ پير ٻڌل آهن.