اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان کان امير طبقي کان سبسڊي واپس وٺي ٽيڪس وصولي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي قرضن جي ري اسٽريڪچرنگ نه پر ملڪ هلائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽا لينا جارجيوا چيو ته اسان پاڪستان کان اهڙن قدمن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، جن جي سخت ضرورت آهي، جيئن اهو هڪ ملڪ وانگر هلي سگهي ۽ اهڙي خطرناڪ مقام تي نه پهچي جتي کيس نئين سر تعمير جي ضرورت نه پوي. ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته اسان ٻن شين تي زور ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ پهرين اهو ته ٽيڪس روينيو، سرڪاري شعبو هجي يا نجي شعبو، وڌيڪ ڪمائيندڙن کي وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، ٻئي شئي آهي ته صرف انهن مانهن کي سبسڊي ڏني وڃي، جن کي واقعي سبسڊي جي ضرورت هجي. ايم ڊي آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ وڏي آبادي متاثر ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو.