اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پينشن ۾ ترميمون، رضاڪارانه رٽائرمينٽ 25 سالن جي سروس کان پوءِ ٿيندي، رضاڪارانه رٽائرمينٽ وٺندڙن کي 60 سالن جي عمر تائين گھٽ ۾ گھٽ 3 ۽ وڌ ۾ وڌ 20 سيڪڙو سالياني پينشن ۾ ڪٽوتي ٿيندي. پينشنر جي فيملي کي پينشن سندس موت کان ڏهن سالن تائين ملي سگهندي. حادثاتي طور رٽائر ٿيڻ وارن کي سٺ سالن جي عمر تائين ۽ سرڪاري ملازم جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ سندس خاندان کي 25 سالن تائين پينشن ملندي. پينشن وٺندڙن جي ٻارن کي جسماني يا ذهني معذوري جي صورت ۾ تاحيات پينشن ملندي. تفصيل موجب وفاقي حڪومت پاران پينشن اسڪيم ۾ تجويز ڪيل ترميمون ڪيون ويون، ترميمن موجب سرڪاري ملازمن کي ريٽائرمينٽ کان ٻه سال اڳ پگهار جي ستر سيڪڙو جي برابر پينشن ملندي، رضاڪارانه رٽائرمينٽ 25 سالن جي سروس کان پوءِ ممڪن ٿيندي. رضاڪارانه رٽائرمينٽ وٺندڙن کي 60 سالن جي عمر تائين گھٽ ۾ گھٽ 3 ۽ وڌ ۾ وڌ 20 سيڪڙو سالياني پينشن ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي. پينشنر جي پينشن ۾ سالياني واڌ ريٽائرمينٽ جي وقت حاصل ڪيل پينشن جي بنياد تي ٿيندي، پينشن ۾ سالياني واڌ کي الڳ رقم طور شمار ڪيو ويندو، پے اينڊ پينشن ڪميشن هر ٽن سالن ۾ 20  لائين پينشن جو جائزو وٺندو، پينشنر جي فيملي پينشن سندس موت کان ڏهن سالن تائين پينشن ملي سگهندي. حادثاتي طور رٽائر ٿيڻ وارن کي سٺ سالن جي عمر تائين پينشن ملندي. سرڪاري ملازم جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ سندس خاندان کي 25 سالن تائين پينشن ملندي. پينشن وٺندڙن جي ٻارن کي جسماني يا ذهني معذوري جي صورت ۾ تاحيات پينشن ملندي، ريٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر سرڪاري نوڪريون ڪرڻ وارن کي پينشن يا پگهار ملندي. سرڪاري ملازم کي ريٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت تي صرف هڪ کاتي مان پينشن ملندي، مڙس ۽ زال ٻئي سرڪاري ملازم آهن ۽ ٻنهي کي رٽائرمينٽ کان پوءِ پينشن ملندي  پينشن ۾ سالياني واڌ ٻن سالن جي سراسري مهانگائي جي 88 سيڪڙو جي برابر هوندي، مهانگائي ۾ اضافو اسٽيٽ بئنڪ جي جاري انگن اکرن تي ئي ڳڻيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 5,000 ڊالرن جي برابر پينشن ۽ ڊبل پينشنرز تي به سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. دستاويزن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ پينشن تي 1014 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، بجيٽ ۾ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيندو، پينشن ۾ واڌ جي ڪري 122 ارب رپيا اضافي ادا ڪرڻا پوندا. سرڪاري دستاويز موجب 6 رٽائرڊ چيف جسٽس اهڙا آهن جن جي ماهوار پينشن 16 لک رپين کان وڌيڪ آهي، 32 رٽائرڊ ججن جي پينشن 10 کان 14 لکن جي وچ ۾ آهي. 8 کان 10 لک رپيا ماهوار پينشن حاصل ڪندڙ ججن جو انگ 9 آهي، 16 رٽائرڊ ججن کي 5 کان 8 لک رپيا ماهوار پينشن ڏني ويندي آهي. ملڪ ۾ 95 رٽائرڊ آفيسرن جي ماهوار پينشن 5 لک رپين کان مٿي آهي، ملڪ ۾ 3 هزار 81 رٽائرڊ آفيسرن جي ماهوار پينشن 2 لک رپين کان وڌيڪ آهي. فوت ٿي ويل 29 ججن جي زال يا ڌيءَ کي 5 کان 8 لک رپيا ماهوار پينشن ملي رهي آهي.