آءِ ايم ايف جا سمورا شرط نٿا مڃي سگهجن: فضل الرحمان

0
205

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سبسڊي ختم ڪرڻ سميت آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃي نٿا سگهجن، عوامي حڪومت عوامي مسئلن کي نظرانداز نٿي ڪري سگهي

مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، بيوروڪريسي معاشي پاليسين تي ساڳي بريفنگ ڏئي رهي آهي، جيڪا اڳوڻي حڪومت کي ڏني وئي هئي

عمران خان جو بيانيو تبديل ٿيندو رهندو آهي، اڄ ڪلهه سندس بيانيو جعلي خط آهي، اڳوڻي حڪومت اسٽيٽ بينڪ کي بااختيار بڻائڻ بهاني اُن کي آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو

هن چيو ته ملڪي معيشت ائين بهتر نٿي ٿي سگهي، اسان کي نئون نظام آڻڻو آهي