مديجي: مديجي ويجهو ڊمپر جو رڪشا کي ٽڪر، 4 عورتون فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا
جندو ديرو وارهه بئراج پل وٽ لاڙڪاڻو-سکر روڊ تي خوفناڪ حادثو پيش آيو
ڳوٺ مسوديرو واسي نجمه شيخ، فريده، حاجرا ۽ زينب شيخ اجل جو شڪار، شڪيلا شيخ ۽ سندس مڙس وسيم شيخ زخمي ٿي پيا
اطلاع باوجود هڪ ڪلاڪ تائين ايمبولينس نه پهتي، زخمي ترپندا رهيا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو
فوتي عورتون ۽ زخمي برسات دوران تباهه ٿيل گهرن جي مد ۾ آيل رقم وٺڻ لاءِ سکر وڃي رهيا هئا