جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان نون ليگ سان گڏجي چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
جي يو آءِ(ف) ۽ نواز ليگ پاران چونڊن دوران سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪيو ويو آهي
نون ليگ جو قائد ميان نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي بعد سڌو مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران گڏجي چونڊ وڙهڻ تي اتفاق ڪيو ويو
مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي جي خلاف انتهاپسنداڻو رويو اختيار نه ڪنداسين، اسان تلخيون گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪنهن به جماعت کي سندس حق کان محروم ڪرڻ نه ٿا چاهيون