ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
193
نصير آباد ڀرسان سرن جي بٺي جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل
نصير آباد ڀرسان سرن جي بٺي جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل شخص جي سلمان جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي

پوليس چيو آهي ته ڪار ۾ مقتول جو پٽ به سوار هو، جنهن کي 2 گوليون لڳيون آهن، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته سلمان پنهنجي پٽ کي موڪل وقت اسڪول مان کڻڻ آيو هو، سلمان ۽ سندس پٽ جيئن ڪار ۾ ويهي وڃڻ لڳا ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني

پوليس چيو آهي ته سلمان پاڻ به استاد هو، سلمان کي 8 گوليون لڳيون، ابتدائي طور واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان به هو