ٽنڊوآدم (ن پ ا) سنڌي فلمن کي عروج تي پهچائيندڙ ناليواري فلمساز، ڊائريڪٽر، شاعر شاهه اسد جي 16 ورسي اڄ ٽنڊي آدم ۾ ملهائي ويندي، صبح سوير سندس مغفرت لاءِ قرآن خواني ڪرائي ويندي، جنهن بعد سندس آخري آرامگاھ تي خاندان ۽ ساڃاھ وندن پاران گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون، شام جو پريس ڪلب جي هال ۾ سنڌ سماجي ثقافتي سنگت پاران تقريب منعقد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، سنڌ جي ناليواري هدايتڪار، ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار ٽنڊي آدم ۾ 15 آگسٽ 1947ع تي مذهبي اسڪالر سيد قدرت الله شاھ جي گهر ۾ جنم ورتو، شاهه  اسد پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات 1970ع ۾ اسٽيج ڊرامن کان ڪئي، سندس پهريون اسٽيج ڊرامو دودو چنيسر هو، شاهه اسد جو پهريون فلمي نالو محبوب ترمذي هو، هن فلمي دنيا ۾ پهريون ڀيرو 1970 ۾ فلم رنگ محل ۾ شاعر جي حيثيت سان قدم رکيو، ان بعد هن 1974 ۾ فلم غيرت جو سوال لاءِ ڊائلاگ لکيا ۽ شاعري ڪئي،  شاهه اسد 1985ع ڌاري ان وقت سنڌي فلمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن سنڌ ۾ ڌارين ٻولين جون فلمون هلي رهيون هيون، هن سنڌ جي ناليواري فنڪار مرحوم جلال چانڊيو جي زندگي تي فلم ٺاهي، جنهن جو ليکڪ ، هدايتڪار ۽ شاعر پاڻ هو، 1987ع ۾ ڌاڙيل پرو چانڊيو جي زندگي تي فلم پرو چانڊيو ٺاهي، 1989 ۾ انگريزن خلاف آزادي جي جنگ وڙهندڙ حر مجاهدن جي تحريڪ جي مرڪزي خيال تي فلم شهيد ٺاهي، جنهن تي کيس نيشنل ايوارڊ پڻ مليو،