سنڌ سرڪار ۽ جاپان پاران انفارميشن ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

0
56
سنڌ سرڪار ۽ جاپان پاران انفارميشن ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
سنڌ سرڪار ۽ جاپان پاران انفارميشن ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

سنڌ سرڪار ۽ جاپان پاران انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، سکر ۾ ميٽرولاجيڪل ريڊار سسٽم لڳائڻ واري پراجيڪٽ تي غور ويچار ڪيو ويو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان جاپان جي سفير مسٽر واڊا مسٽروسوهيرو جي ملاقات دوران مختلف منصوبن تي گڏجي ڪم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته موسمي تبديلين جي ڪري زرعي ٽيڪنالاجي گائيڊنس پراجيڪٽ جي ضرورت آهي، وڏي وزير ۽ جاپان جي سفير ڪلائميٽ سمارٽ ايگريڪلچر پراجيڪٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

 لائيو اسٽاڪ جينيٽڪ امپرومينٽ پراجيڪٽ ۽ ٻين منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جون زرعي جنسون جاپان ايڪسپورٽ ڪيون وڃن

 جاپان ۾ انب، ذيتون ۽ ٻين ميون جي مارڪيٽ آهي، ميون جي ايڪسپورٽ لاءِ سنڌ حڪومت جاپاني سفارتخاني سان گڏ ويهي ڳالهه ٻولهه ڪندي، ملاقات دوران پاڪستان جاپان بزنس فورم کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ تي اتفاق به ڪيو ويو